21 جمعو , سيپٽمبر 2018

عمران خان پاڪ – ڀارت لاڳاپا بهتر بڻائي: ڪنگنا رناوت جو پيغام

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا ڪنگنا رناوت تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان کي پاڪ – ڀارت لاڳاپن ۾ بهتري جي اپيل ڪئي آهي. گذريل ڏينهن ڀارتي هاءِ ڪمشنر عمران خان سان ملاقات ڪري کيس چونڊن ۾ ڪاميابيءَ تي واڌايون ڏنيون هيون ۽ ڀارتي قيادت جو پيغام پهچايو هو، جڏهن ته ڀارتي اداڪار رشي ڪپور کانپوءِ هاڻ ڪنگنا رناوت به عمران خان جي موقف کي هاڪاري قرار ڏنو آهي. صحافين سان ڳالهائيندي ڪنگنا رناوت جو چوڻ هو ته عمران خان جي وزيراعظم بڻجڻ سان اميد ڪري سگهون ٿا ته وڌيڪ رتوڇاڻ نه ٿئي، ڇو ته اها اسان جي بدقسمتي آهي جو فوجي جوان حياتيون وڃائي رهيا آهن. هن چيو ته عمران خان جي تقرير بهترين هئي ۽ منهنجي خواهش آهي ته سڀ ڪجهه سٺو ٿئي، منهنجي اپيل آهي ته هو ٻنهي ملڪن ۾ لاڳاپا بهتر بڻائي. واضح رهي ته ان کان اڳ رشي ڪپور پڻ عمران خان جي تقرير کي بهترين قرار ڏيندي اميد جو اظهار ڪيو هو ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا بهتر ٿيندا.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے