19 اربع , سيپٽمبر 2018

گواسڪر طرفان عمران خان جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت کان معذرت

لاهور (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سنيل گواسڪر تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي وزيراعظم طور حلف برداري تقريب ۾ شرڪت کان معذرت ڪري ڇڏي آهي. سنيل گواسڪر پاڪستان جي امڪاني وزيراعظم عمران خان کي فون ڪري کيس ڀارتي ٽيم جي انگلينڊ دوري ۾ ڪمينٽريٽر طور مصرفيتن بابت آگاهه ڪيو. سنيل گواسڪر تحريڪ انصاف سربراهه لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪ – ڀارت لاڳاپن جي حوالي سان عمران خان سٺي اميد آهي. ان ڏس ۾ تحريڪ انصاف اڳواڻ فيصل جاويد جو چوڻ هو ته اڳوڻا ڀارتي ڪرڪيٽر ڪپل ديو ۽ نوجوت سنگهه سڌو حلف برداري تقريب ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان اچي رهيا آهن، جڏهن ته سنيل گواسڪر حلف برداري تقريب ۾ شرڪت کان معذرت ڪئي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام: مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام دوران جلوسن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي جناح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے