24 سومر , سيپٽمبر 2018

نيوز: ٽنڊو الهيار : اليڪشن دوران فوت ٿيل استادن جي وارثن جي سهائتا نه ٿيڻ خلاف احتجاج

Tando Allahyar: Election died during selected teachers not to support families protest*ٽنڊي الهيار ۾ اليڪشن دوران حادثي ۾ فوت ٿيل استادن جي وارثن جي سهائتا نه ٿيڻ خلاف پ ٽ الف پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

پ ٽ الف اڳواڻن سيد نياز شاهه، غلام مصطفيٰ ۽ شريف هاليپوٽي سميت ٻين اليڪشن ڊيوٽي تان موٽندڙ حادثي ۾ فوت ٿيل استادن ۽ زخمين جي سهائتا نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته اليڪشن ڊيوٽي تان موٽندڙ مٽياري جي استادن سان واقعو پيش آيو، جنهن ۾ استادن نظير احمد جمالي ۽  وزير احمد فوت ٿيا ۽ 3 زخمي ٿي پيا هئا.

هنن چيو ته هن وقت تائين اليڪشن ڪميشن يا صوبائي ۽ وفاقي حڪومت ڪنهن به فوتين جي ٻچن جي سار نه لڌي ۽ نه وري زخمي استادن جي سهائتا ڪئي آهي.

پ ٽ الف اڳواڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فوتي استادن جي وارثن ۽ زخمين جي مالي سهائتا ڪن……

هي به ڏسي سگهو ٿا

Khairpur

نيوز | خيرپور ۾ شهري پاران لائسنس رِي نيو نه ڪرڻ تي انتظاميه خلاف احتجاج  

خيرپور ۾ شهري پاران لائسنس رِي نيو نه ڪرڻ تي انتظاميه خلاف احتجاج ڪيو ويو. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے