18 ڇنڇر , آگسٽ 2018

نيوز: نوابشاهه : ڳوٺاڻن جو تشدد ڪري زمين مان ڪڍندڙ بااثرن خلاف احتجاج

Nawabshah: Protestant protests against villagers, taking out of the earth*نوابشاهه ۾ ڳوٺاڻن پاران تشدد ڪري زمين مان ڪڍندڙ بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

پريس ڪلب آڏو گپچاڻي جي رهواسين تشدد ڪري زرعي زمين تان ڪڍڻ تي بااثرن خلاف احتجاج ڪيو.

ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته ڪپهه چونڊڻ وارا مزدور جيئن ووئنڻ جي فصل ۾ ويا ته اتي اڳواٽ بيٺل هٿيار بندن ماڻهن پورهيتن خان محمد ۽ عورتن تي تشدد ڪري زمين تان ڪڍي ڇڏيو.

هن چيو ته دلمراد، سخاوت ۽ لياقت علي سميت ٻيا ساڻن ڪاوڙيل آهن، جيڪي کين معاشي طور بدحال ڪرڻ چاهين ٿا.

سندن چوڻ هو ته واقعي جي شڪايت گپچاڻي ٿاڻي تي ڏيڻ باوجود پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي، ابتو هيٿاربند کين ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.

ڳوٺاڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بااثرن خلاف قانوني قدم کڻي کين تحفظ ڏين……..

هي به ڏسي سگهو ٿا

Khuhra: Demand to kill Street dogs, these dogs become dangerous

نيوز: کهڙا: رولو ڇتن ڪتن جو آزار وڌي ويو , ڊي سي خيرپور…!

*کهڙا ۾ رولو ڇتن ڪتن جو آزار وڌي ويو ،  رولو ڪتن ڪيترن ئي مردن، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے