22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

اسٽريٽ ڪرائيم جو خاتمو پهرين ترجيح آهي: ايڊيشنل آءِ جي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايڊيشنل آءِ جي عامر شيخ چيو آهي ته ڪراچي ۾ روز 40 کان 50 ڏوهاري وارداتون ٿينديون آهن، ڪاررواين ۾ روز 150 ماڻهو گرفتار ٿيندا آهن. عامر شيخ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پوليس جو ڪم عوام جي خدمت ۽ مدد ڪرڻ آهي، 14 آگسٽ تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام هوندا، شهر ۾ 13 هزار کان وڌيڪ آفيسر ۽ اهلڪار مقرر هوندا، جڏهن ته قائد اعظم جي مزار جي ڀرپاسي 5 سئو پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويندا. سندس چوڻ هو ته ڪراچي پوليس لاءِ اسٽريٽ ڪرائيم وڏو چئلينج آهي، روز جي بنياد تي 40 کان 50 ڏوهاري وارداتون ٿينديون آهن، ڪاررواين ۾ روز 150 ماڻهو گرفتار به ٿيندا آهن، اسٽريٽ ڪرائيم جو خاتمو اسان جي پهرين ترجيح آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے