26 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز: سن : ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين پاران ٻهارا کڻي صفائي ڪري شهرين کي آگاهي

Sann: The Chairman of Town Committee informed the people about the cleanliness of the house*سن ۾چيئرمين ٽائون ڪميٽي هٿن ۾ ٻهارا کڻي گهٽين جي صفائي ڪري شهرين کي آگاهي ڏني.

چيئرمين ٽائون ڪميٽي سيد منير حيدر شاهه شهر کي صاف سٿرو رکڻ لاءِ پاڻ پنهنجي هٿن ۾ ٻهارا کڻي مختلف رستن تي صفائي ڪئي.

ٽائون چيئرمين جو چوڻ هو ته سن پنھنجو شھر آھي جنهن جي صفائي ڪرڻ ڪابه خراب ڳالهه ناھي، جيڪڏھن پاڻ پنھجن شھرن  ۽ ڳوٺن تي ڌيان نه ڏينداسون ته سنڌ جي ڪھڙي ترقي يا خوشحالي  جي دعوى ڪنداسون.

هن چيو ته سنڌ ۾ ماضي جي حڪومتن جي خراب ڪارڪردگي سبب صفائي واري عملي کان ويندي مٿي جا آفيسر به ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ناھن، جنهن سبب سنڌ مسئلن ۾ گھيريل آھي .

سندس چوڻ هو ته ڪوشش ھوندي ته سن شھر کي ماڊل سٽي بنائڻ لاءِ پنھنجي سموري توانائي استعمال ڪريان………

هي به ڏسي سگهو ٿا

Nawabwali muhammad: Protest by residents

نيوز: نواب ولي محمد: دولتپور شاخ  ۾پاڻي نه پهچڻ خلاف آبادگارن جو ٽئين ڏينهن بھ احتجاج

*نواب ولي محمد  ويجهو دولتپور شاخ جي پڇڙيءَ ۾ 26 سالن کان پاڻي نه پهچڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے