24 سومر , سيپٽمبر 2018

پنجاب اسيمبلي جو اجلاس 15 آگسٽ تي طلب

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي گورنر صوبائي اسيمبلي جو اجلاس 15 آگسٽ تي طلب ڪري ورتو آهي. پنجاب جي نگران وڏي وزير ڊاڪٽر حسن عسڪري اسيمبلي اجلاس گهرائڻ لاءِ گورنر کي سمري موڪلي هئي، جنهن ۾ اجلاس 15 آگسٽ تي گهرائڻ جي سفارش ڪئي وئي هئي. پنجاب جي گورنر رفيق رجوانا صوبائي اسيمبلي جو اجلاس 15 آگسٽ تي صبح 10 وڳي طلب ڪري ورتو آهي، جنهن ۾ نوان چونڊيل اسيمبلي ميمبر حلف کڻندا. قانون بابت نگران وزير ضياءَ رضوي جو چوڻ هو ته 15 آگسٽ تي رڳو نوان چونڊيل ميمبر حلف کڻندا، جڏهن ته اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ 16 آگسٽ تي ڳجهي راءِ شماري سان ٿيندي، جنهن کانپوءِ وڏي وزير جي چونڊ ڪئي ويندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنگ مڙهي وئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته مودي ۽ ڀارتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے