25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

عمران خان جون ڳالهيون ۽ زميني حقيقتون

زرار پيرزادو

  • حقيقت ته اها آهي ته عمران خان جنهن تبديليءَ جي ڳالهه ڪري ٿو سا آهي وفاق مان مسلم ليگ (ن) ۽ پ پ کان چونڊ ذريعي اقتدار وٺڻ يعني هي پهريون موقعو هوندو جو پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) جيڪي ٻه وڏيون اقتداري جماعتون رهيون آهن جن جو هميشه پاڻ ۾ وڏو مقابلو ٿيندو هو سي ٻئي جماعتون هيل پارليامينٽ اندر مخالف ڌرجي بينچن تي ويهنديون، اها آهي عمران خان جي تبديلي !
  • ڇا عمران خان جي تحريڪ انصاف جو چونڊ کٽڻ ۽ حڪومت ٺاهڻ کي انقلاب چئبو ! تبديلي جو اهڃاڻ سمجهبو ؟. عام ۽ پختو تاثر ته اهو ئي آهي ته عمران خان جي تحريڪ انصاف کي چونڊ کٽرائي وئي آهي.
  • عمران خان جي سياست جو نئون پاسو صرف اِهو آهي ته هن پنهنجو اُهو نئون ووٽر پيدا ڪيو آهي جيڪو اڳ چونڊن ۾ حصو نه وٺندو هو، اهو ووٽر آهي فيس بڪ تي ويٺل نوجوان.
  • باقي عمران خان ڪا نئين پاليسي ۽ ڪو نئون انقلابي پروگرام نه ڏئي سگهيو آهي، سول حڪمرانن جي ڪرپشن جو ايجنڊا ته هميشه اسٽيبلشمنيٽ جو ئي رهيو آهي.
  • سنڌ جي حوالي سان ته سندس موقف اُهو ئي آهي جيڪو ايم ڪيو ايم جو آهي. اختيار هيٺين سطح تي منتقل ڪرڻ وارو پروگرام به پرويز مشرف وارو ئي اٿس.
  • عمران خان جي جماعت ۾ شامل سنڌي ماڻهن کي ته ان ڳالهه تي سخت احتجاج ڪرڻ گهرجي ته هو آخر ”ڪراچي“ ۽ ڪراچي والون“ واري ڪريل سياست ڪيئن ٿو ڪري ۽ ائين ڇو ٿو چوي ته ڪراچي تي ڪراچي وارن جو حق آهي، سنڌ وارن کي ڪراچي وارن تي حڪومت ڪرڻ جو حق ناهي.
  • ڇا عمران خان اهڙي ڳالهه ڪڏهن لاهور وارن لاءِ ڪئي آهي ته لاهور تي لاهور ۾ رهندڙن جو حق آهي ۽ جيڪڏهن لاهور تي لاهور وارن جو حق آهي ته پوءِ عمران خان، شهباز شريف کي پنجاب حڪومت ٺاهڻ جو رضا ڪاراڻي طور پهريون حق ڇو نٿو ڏي.
  • عمران خان اهو به چوندو رهيو آهي ته پاڪستان ۾ مان ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي ترقياتي منصوبن جي شڪل ۾ رشوت نه ڏيندس پر مڪاني ادارن کي سڌو سنئون فنڊ ڏيندس ۽ انجا سڀ اختيار ميئر کي ڏيندس، ڇاڪاڻ ته برطانيا ۽ آمريڪا ۾ به ميئر ئي شهري نظام هلائيندا آهن.
  • عمران خان کان ان حوالي سان سوال پڇڻ گهرجي ته ڇا هو سمجهي ٿو ته ڪراچي جو ميئر وسيم اختر به برطانيا ۽ آمريڪا جي ميئرن جي معيار جو ميئر آهي ؟
  • سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته عمران خان جيڪي ڪجهه به ڳالهائي ٿو سو نه انقلابي آهي، نه نظرياتي آهي ۽ نه ئي باغياڻو پر حيرت ان ڳالهه تي آهي ته عام ماڻهو ته ٺهيو پر چڱا ڀلا نظرياتي، انقلابي ۽ دانشور ماڻهو به عمران خان جي ڳالهين ۾ اچي ويا آهن ۽ ان مان تبديلي جون وڏيون اميدون رکن ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ جي نياڻين جو درد، حوصلو ۽ جاکوڙ…!

ڪامران چانڊيو سنڌ جون اهي نياڻيون جيڪي پيرين اگھاڙين سنڌ جي روڊن تي، پنهنجن پيارن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے