24 سومر , سيپٽمبر 2018

مخالف ڌر جماعتن جو اصلي امتحان قانون سازي آهي

بادل ملاح

مخالف جماعن جو ڌانڌلي جي بنياد تي ٺهندڙ اتحاد اشوز جي حوالي سان ڪنهن حد تائين سنجيده آهي ۽ ان جو پنهنجو مستقبل ڪهڙو ٿيندو؟ ان جو دارومدار ايندڙ ڪجهھ ڏينهن تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ عام جماعتون چيئرمين سينيٽ صادق سنجراڻي جي مستقبل بابت ڪو فيصلو ڪنديون، ڇو ته چيئرمين سينيٽ جي چونڊ کي گهري نظر سان ڏٺو وڃي ته ان وقت جي حڪومت جي خلاف بنيادي ڪردار پاڪستان پيپلز پارٽي ءَ ادا ڪندي، اڪثريتي جماعت پاڪستان مسلم ليگ ن جي اميدوار راجا ظفر الحق جي مقابلي ۾ بلوچستان مان آيل صادق سنجراڻي کي اميدوار بڻايو جڏهن ته عمران خان ان جي ڀرپور تائيد ڪئي. لهٰذا هاڻي به صادق سنجراڻي جي مستقبل بابت پاڪستان پيپلز پارٽي جو ڪردار تمام اهم هوندو. ڇا پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجو ئي بڻايل چيئرمين سينيٽ صاق سنجراڻي جي حمايت تان هٿ کڻي ويندي؟  چيئرمين سينيٽ جي مستقبل جي حوالي سان پاڪستان پيپلز پارٽي پاران اختيار ڪيل حڪمت عملي جا اثر اپوزيشن جي اتحاد تي پوندا؟ جيڪڏهن پاڪستان پيپلز پارٽيءَ هن ڀيري پنهنجن سمورن مفادن کي مخالف ڌر اتحاد کان واپس ڪيا ته پوءِ ملڪ جي اندر  قانون سازي ۽ سڀ کان وڌيڪ صدارتي چونڊ جي سوال تي اپوزيشن جي پوزيشن تمام گھڻي مضبوط ٿي ويندي. ڇا اها نئين ترقي ٿي رهي آهي؟ مخالف ڌر جون جماعتون چونڊون هارڻ کانپوءِ هڪ ئي پليٽ فارم تي گڏ ٿي رهيون آهن. هاڻي کان ئي چونڊن ۾ ڌانڌلي جي جاچ جو مطالبو ڪيو وڃي پيو ۽ چونڊ نتيجن کي رد ڪيو ويو آهي. پر انهن جي لاءِ سڀ کان وڏي پريشاني ملڪ جي اندر چونڊن کان پوءِ اڪثريتي جماعت سان پاڪستان دوست ملڪن جا رابطا نيت تي مشتمل نياپو آهن. مطلب وڏو واضح ۽ سادو آهي ته عالمي دنيا انهن چونڊن کي ۽ نئين آيل مينڊيٽ کي خوش آمديد ڪن پيا. سڀ کان اهم ڳالھه اها آهي ته برطانيا، سعودي عرب، ايران ۽ چين جي سفيرن جون عمران خان سان ملاقاتون ٿيون آهن.

عالمي دنيا پنهنجو ذهن ٺاهي چڪي آهي ته هاڻي معاملا عمران خان جي اڳواڻي ۾ حل ڪرڻا پوندا. چونڊن کان اڳ عالمي ذريعن چونڊ عمل ۽ پاڪستان جي طاقتور ادارن جي ڪردار تي لکي رهيا هئا، مگر نتيجا اچڻ کانپوءِ انهن جي زبان ۽ لهجو نئين حڪمران سان منهن ڏيڻ ۽ حڪمت عملي جي حوالي سان آهي.  هي سمورو منظر نامون اپوزيشن جماعتن جي لاءِ گھڻي قدر خوفائتو آهي. سڀ کان وڌي ڪري تجزيي نگارن جي نظر وڏين جماعتن پاڪستان مسلم ليگ ن ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سياست تي آهن. ڏسڻُ اهو آهي ته اصلي اپوزيشن انهن ٻنهي سياسي جماعتن مان ڪهڙي جماعت جي هوندي يا وري ٻئي فرينڊلي اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪنديون، اهڙي ريت نظام اڳتي وڌندو رهندو؟ اپوزيشن اتحاد جي ڪاميابي  جو اصلي امتحان هاڻي سينيٽ ۾ جنگ بندي ۽ قانون سازي تي ٿيندو؟ ظاهر آهي ته موجوده مينڊيٽ ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي هٿ هڪ وڏي صوبي جي حڪومت به آئي آهي ۽ وفاق ۾ ڪنهن حد تائين اپوزيشن جو ڪردار به آهي. پاڪستان مسلم ليگ ن جي حصي ۾ فقط حزب اختلاف ئي ايندي. پر اها اپوزيشن مضبوط ۽ موثر تڏهن ٿيندي، جڏهن حڪومت پاران قانون سازي جي لاءِ ڪيل ڪوششن کي سينيٽ جي مدد سان روڪيو ويندو. سڀ کان وڏي ڳالهھ اها آهي ته چيئرمين سينيٽ صادق سنجراڻي جو مستقبل اهم هوندو؟ ڇا پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجي ئي حمايت يافته چيئرمين سينيٽ صادق سنجراڻي کي هٽائڻ جي لاءِ پنهنجو وزن اپوزيشن اتحاد تي وجھندي؟ اهو سوال اپوزيشن جي جنگ بندي جي لاءِ تمام گھڻو اهم ۽ خاص آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي ذميواري جي لاءِ هڪڙو اهم ٽيسٽ ڪيس آهي.

جيڪڏهن سينيٽ ۾ ڪا تبديلي نه ٿي اچي ۽ حڪومت قانون سازي به معمولي مارجن سان مڪمل ڪندي رهي، ته پوءِ تاريخ جي ڪمزور ترين اپوزيشن کي اسين فقط ڏسنداسين ۽ سڀ کان وڏي ڳالھه اها ته پاڪستان پيپلز پارٽي ٻيو ڀيرو فرينڊلي اپوزيشن جو طعنو ٻڌندي. اپوزيشن اتحاد جو سڀ کان وڏو مسئلو ان سان گڏوگڏ ميان شهباز شريف جي ذات پڻ آهي. ميان شهباز شريف جي باري ۾ هڪڙي راءِ اها به آهي ته هو جنگ ڪرڻ کان پرهيز ڪندو رهيو آهي، ۽ پردي جي پٺيان قوتن ۽ حلقن سان رابطه سڌا رکندو آهي. ايئن مخالف ڌر جون ٻئي وڏيون جماعتون بذات خود اپوزيشن اتحاد جي لاءِ مٿي جو درد بڻجي سگھن ٿيون. هن وقت حڪومت ۽ اپوزيشن جي لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجي خطرناڪ حريف ۽ بي اعتبار حليف جيان آهي جيڪا فقط پنهنجي مفادن جي چوگرد پنهنجي سياست ڪري ٿي. جيترو مينڊيٽ پاڪستان پيپلز پارٽي وٽ آهي، ۽ جيترو کائنس کسيو ويو آهي، جيڪڏهن انهيءَ تي اسٽبلشمينٽ اتفاق ڪري ورتو ته پوءِ اپوزيشن اتحاد  جو الله ئي حافظ آهي پر جيڪڏهن ان جي اوبتڙ صورتحال درپيش آئي ته پوءِ سينيٽ ۾ تبديلي ناگزير هوندي ۽ آئنده صدارتي چونڊ به دلچسپ ٿي ويندي ته وري ٻئي طرف 2023ع تائين سنڌ ۾ به اهو ئي ٿيندو جنهن جو تجربو 2018 ع ۾ پنجاب ۾ ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گھڻ براعظمي ايشيائي دنيا خلاف يورپي-آمريڪي براعظمي سرمائيداري جارحيت

پريم مٿراڻي ٻي مهاڀاري لڙائي کانپوءِ، خاص طرح ايشيا ڇو عالمي سماجي سياسي ۽ معاشي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے