18 ڇنڇر , آگسٽ 2018

نئين ٺهندڙ وفاقي سرڪار ۽ سنڌ

صدر مملڪت قومي اسيمبليءَ جو اجلاس سومر تي طلب ڪري ورتو آهي. اجلاس ۾ ابتدائي طور نوان چونڊيل ميمبر قسم کڻندا، جنهن کانپوءِ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ٿيندي، گهڻو امڪان آهي ته سومر 13آگسٽ اسيمبليءَ اجلاس ۾ اِهي سڀ ماملا مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ايندڙ ڏينهن يعني 14 آگسٽ، ملڪ جي آزاديءَ واري 71هين ڏهاڙي تي قومي اسيمبلي ايوان جو قائد چونڊيندي ۽ ٿي سگهي ٿو ته ان ڏينهن چونڊيل وزيراعظم عهدي جو قسم به کڻي. ائين گهڻو امڪان آهي ته ملڪ جي آزاديءَ واري ڏينهن هيءُ ملڪ جمهوريت ڏانهن هڪ نئون سفر شروع ڪري. اهو ان ڪري جو هن ملڪ ۾ چونڊيل حڪومت جي ۽ جمهوريت جي تاريخ ڪا چڱي ناهي رهي، جمهوريت هتي هميشه راتاهن جي ور چڙهيل رهي آهي ۽ آمريتن جا طويل دور ۽ انهن جون ڀوڳنائون هن ملڪ جو عوام ڀوڳيندو رهيو آهي.

انهن آمريتن جو ئي نتيجو آهي جو 1973ع واري آئين ۾ صوبن سان جنهن خود مختياريءَ جو واعدو ڪيو ويو هو، سا خود مختياري اڄ تائين کين حاصل ٿي نه سگهي آهي. پاڪستان ۾ نئين چونڊيل سرڪار جي تياري کانپوءِ هي ٽيون ڀيرو آهي جو اقتدار پر امن نموني هڪ چونڊيل حڪومت کان ٻي چونڊيل حڪومت ڏانهن منتقل ٿي رهيو آهي. 2008ع ۾ عوام جي ووٽن جي نتيجي ۾ جيڪا سرڪار قائم ٿي، تنهن 2013ع جي عام چونڊن ۾ جنهن پارٽين اڪثريت حاصل ڪئي، تنهن کي پر امن نموني اقتدار منتقل ڪري هڪ نئين تاريخ لکي هئي، ڇو جو هن کان اڳ سواءِ 1972ع وارين عام چونڊن جي ڪنهن به چونڊيل سرڪار جي طرفان پنهنجو آئيي مدو پورو ڪرڻ جو مثالُ نه ٿي مليو.

2018ع وارين عام چونڊن جي شفافيت تي سنگين سوال اٿڻ باوجود اقتدار جي ٻي چونڊيل حڪومت کان ٽين چونڊيل حڪومت ڏانهن پر امن نموني منتقلي کي جمهوريت جي فتح سڏي سگهجي ٿو ۽ جمهوريت جي ان فتح سان، هر گذرندڙ وقت ۾ جمهوريت جي مضبوطيءَ سان پاڪستان چيلينجن، مسئلن ۽ خطرن جي جنهن ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي، تنهن مان آسانيءَ سان نڪري سگهندو. آمريتن اندروني ۽ ٻاهرين سطح تي ملڪ کي تباهيءَ کانسواءِ، بدنامي ۽ بدناموسيءَ کانسواءِ ڪجهه به ناهي ڏنو، جهڙين تهڙين جمهوريتن ۾ ئي هن ملڪ کي آئيني محاذ تي به ته پرڏيهي درجي تي به هميشه ڪاميابيون ئي پلئه پيون آهن.پاڪستان ۾ وفاق ۽ صوبن خاص ڪري ننڍن صوبن ۾ اعتماد جو فقدان هميشه هڪ ٻرندڙ مسئلو رهيو آهي، سنڌ کي وفاق کان ۽ وڏي صوبي يعني پنجاب کان سنگين نوعيت جون شڪايتون رهيون آهن. آمدنيءَ جي جنهن نموني ۽ جنهن معيار تي ورڇ ٿي رهي آهي تنهن تي سنڌ کي هميشه شديد خدشا ۽ اعتراض پئي رهيا آهن. نئين سرڪار جيئن ته روايتي اقتداري جماعتن يعني پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ نواز جي حڪومتن جي ابتڙ وفاق ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ٺهي رهي آهي، جنهن جو سربراهه تبديليءَ جي نعري، اسٽيٽسڪو کي ٽوڙڻ جي نعري سان گذريل ڪيئي ورهين کان سياست جي ميدان ۾ سرگرم رهيو آهي، عمران خان جي لاءِ ملڪ کي مالي ۽ معاشي توڙي سفارتي بحران مان ڪڍڻ سان گڏوگڏ صوبن وچ ۾، خاص ننڍن صوبن جي وفاق ۽ پنجاب تي بي اعتماديءَ کي ختم ڪرڻ به وڏي چيلينج هوندو.

سنڌ سميت ننڍن صوبن جو اصولي موقف رهيو آهي ته صوبن وچ ۾ وسيلن جي ورڇ وارو جيڪو فارمولا آهي، تنهن ۾ آبادي سرفهرست رکيل آهي، ان کي تبديل ٿيڻ گهرجي ۽ ان ۾ آمدني، ايراضي ۽ پسماندگي جي اهڃاڻي کي اهميت ۽ اوليت ڏني وڃي. مثال طور سنڌ ملڪ جي مجموعي ڪمائيءَ جو 65 کان 70 سيڪڙو حصو وفاق کي ڏئي ٿي. سڀني صوبن جي آمدني وفاق ۾ گڏ ٿيڻ کانپوءِ وفاقي ورڇ جوڳي پول تحت اين ايف سي ايوارڊ جو جيڪو سنڌ کي حصو ملي ٿو سو 23 سيڪڙو مقدر آهي. يعني سنڌ جو مجموعي آمدنيءَ ۾ جيڪو 65 سيڪڙو گڏ ٿئي ٿو تنهن جو اڌ به صوبي کي واپس نٿو ملي، ٿئي ائين ٿو ته صوبن ۾ وفاق کان وسيلن جي ورڇ جو اهم اهڃاڻ آبادي هئڻ ڪري آباديءَ جي حساب سان گهڻو حصو پنجاب ڏانهن هليو ٿو وڃي، ۽ باقي صوبا چپٽيون نه وڄائيندا رهجي ٿا وڃن، يعني ٿئي ايئن ٿو جو ڪمائن هڪڙا ٿا ۽ ملي ٻين کي ٿو، سو نئين سرڪار لاءِ صوبن ۾ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ هڪ وڏي چيلينج هوندي، ان سان گڏوگڏ وفاقي ترقياتي پروگرام ۾ جتي جتي جن جن علائقن ۾ گهٽ ترقي ٿيل آهي، جيڪي پسمانده آهن، تنهن کي اوليت ڏيڻ بدران جيڪي اڳ ئي ڀريل آهن، تن کي ئي ڀرڻ واري روايت روا دوا رکي وڃي ٿي، سو وفاقي ترقياتي پروگرام ۾ سڀني کي هڪ نظر سان ڏسڻ ۽ ترقيءَ کان وانجهيل علائقن ۾ ترقيءَ تي توجهه ڏيڻ به نئين سرڪار لاءِ چيلينج هوندي، سنڌ هميشه ارسا طرفان پاڻيءَ ۾ زيادتي ۽ ناجائزي ٿيڻ جي شڪايت ڪندي رهي آهي. سو سنڌ سان پاڻيءَ جي فراهميءَ ۾ انصاف ڪرڻ به پاڪستان تحريڪ انصاف جي نئين سرڪار لاءِ وڏي چيلينج هوندي، سو نئين وفاقي سرڪار کي صوبن جي شڪايتن جي ازالي لاءِ عملي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، اهڙا قدم جن سان محسوس ٿئي ته وفاق صوبن سان ٻه اکيائي وارو نه پر هڪ جهڙو رويو پيو روا رکي.

ڇنڇر 11 آگسٽ 2018ع، 28 ذوالقعد 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ اسيمبلي اعتماد جو نالو آهي

سنڌ اسيمبليءَ جي چونڊ ٿي گذري ۽ چونڊيل ميمبرن، اسيمبليءَ جي ۽ پنهنجي ان منصب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے