17 جمعو , آگسٽ 2018

حليم عادل شيخ ٽريفڪ پوليس اهلڪارن کي رشوت وٺندي پڪڙي ورتو

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف جي نئين چونڊيل ايم پي اي حليم عادل شيخ مال پڙي ويجهو ٽريفڪ پوليس اهلڪارن کي رشوت وٺندي سڳ سميت گرفتار ڪري ورتو. شهرين ٽريفڪ پوليس اهلڪارن جي رشوت وٺندي وڊيو ٺاهي ورتي جنهن ۾ اهلڪارن کي پئسا کيسي ۾ رکندي ۽ واپس ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. تحريڪ انصاف ايم پي اي حليم عادل شيخ پوليس اهلڪارن سان ڳالهائيندي چيو ته نئين پاڪستان ۾ ايئن نه هلندو. هن چيو ته 2 ڊي ايس پي اعليٰ آفيسرن سامهون رشوت وٺي رهيا آهن، توهان کي شرم اچڻ گهرجي، غريب ماڻهن کي پريشان ڪري رهيا آهيو. حليم عادل شيخ پوليس اهلڪارن کي وارننگ ڏيندي چيو ته نئين پاڪستان ۾ ايئن نه هلندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارتي رياست ڪيرالا ۾ ٻوڏ سبب 100 کان وڌيڪ ماڻهن جي فوت ٿيڻ تصديق

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست ڪيرالا ۾ چوماسيءَ جي مينهن 106 ڄڻن جي فوت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے