17 جمعو , آگسٽ 2018

گستاخ مواد جي ڪوڙي شڪايتن تي ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڊي جي ايف آءِ اي کي سوشل ميڊيا تي گستاخ مواد جي حوالي سان من گهڙت ۽ ڪوڙي شڪايت داخل ڪرائيندڙن خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي. جسٽس شوڪت عزيز صديقي سوشل ميڊيا تي گستاخ مواد بابت ڪيس جي لکت ۾ حڪم ۾ وڌيڪ چيو ته ڊي جي ايف آءِ اي سماجي رابطن جي ويب سائيٽس تي گستاخ مواد پکيڙيندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪري ۽ ان حوالي سان جيڪي درخواستون شهرين طرفان ايف آءِ اي وٽ داخل ڪرايون ويون آهن تن کي جلد اڪلايو وڃي ۽ ان معاملي جي ڊي جي ايف آءِ اي پاڻ نگراني ڪري. عدالت جي لکت حڪم موجب من گهڙت ۽ ڪوڙي شڪايت داخل ڪرائيندڙن خلاف به قانون موجب ڪارروائي ڪري عدالتي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. عدالتي حڪم ۾ ڊي جي ايف آءِ اي کي چيو ويو آهي ته ان حوالي سان مڪمل رپورٽ تيار ڪري عدالت سامهون پيش ڪري، لکت حڪم ۾ عدالت پنهنجي آبزرويشن ۾ چيو آهي ته جهڙي نموني ادارن کي ان عظيم مقصد لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي اهڙي نموني ڪارڪردگي نه پئي ڏيکاري وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارتي رياست ڪيرالا ۾ ٻوڏ سبب 100 کان وڌيڪ ماڻهن جي فوت ٿيڻ تصديق

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست ڪيرالا ۾ چوماسيءَ جي مينهن 106 ڄڻن جي فوت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے