17 جمعو , آگسٽ 2018

فضل الرحمان واري ڳالهه اسان ڪيون ها ته را جو ايجنٽ قرار ڏنو وڃي ها: فاروق ستار

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان جيڪو چيو جيڪڏهن اسان مان ڪو غلطي مان چئي ها ته اسان تي را جي ايجنٽ جي مهر لڳي وڃي ها. ڪراچيءَ ۾ دهشتگرديءَ جي خاتمي واري عدالت جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته اليڪشن ڪميشن ٻاهران مولانا فضل الرحمان کي پنهنجي تقرير ۾ ايئن نه چوڻ گهرجي ها پر هو خوشقسمت آهي جو کيس را جو ايجنٽ نه سڏيو ويو آهي، جيڪڏهن غلطي سان اسان مان ڪو ايئن چئي ها ته اسان خلاف را جي ايجنٽ جو ٺپو لڳي وڃي ها. هن چيو ته پ پ سان ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون، ساڻن غير واجبي رابطو آهي، ساڻن صوبائي حڪومت ٺاهڻ تي ڪا ويهڪ يا وري ڳالهيون نه ٿيون آهن، پ پ سان بهتر ورڪنگ رليشن شپ هميشه ايم ڪيو ايم جي خواهش رهي آهي، پر 10 سالن دوران وڏي پئماني تي ڪرپشن نظر آئي آهي، جڏهن ته پ پ حڪومت ۾ شهري ۽ ٻهراڙي جي علائقن جو فرق وڌيو آهي. سندس چوڻ هو ته هڪ ڀيرو تڪ 243 خالي ته ٿيڻ ڏيو، اتان منهنجي چونڊ وڙهڻ جو فيصلو رابطا ڪميٽي ڪندي. ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته عام چونڊن ۾ٿيل ڌانڌلي جي جاچ ٿيڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارتي رياست ڪيرالا ۾ ٻوڏ سبب 100 کان وڌيڪ ماڻهن جي فوت ٿيڻ تصديق

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست ڪيرالا ۾ چوماسيءَ جي مينهن 106 ڄڻن جي فوت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے