17 جمعو , آگسٽ 2018

نيوز: رتوديرو: شهيد بشير خان قريشي جي 59 هين سالگره ملهائي وئي

Ratodero: 59th Birthday celebration of Shaheed Basheer khan Quraishi*رتوديرو ۾ شهيد بشير خان قريشي جي 59 هين سالگره ملهائي وئي جنهن ۾ جسقم قيادت ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي .

 قريشي هائوس کان جسقم چيئر مين صنعان خان قريشي ، ڪيهر انصاري  ، امجد مھيسر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪنن هٿن ۾ ڳاڙها جهنڊا کڻي ريلي ڪڍي.

ريلي رتو ديرو باءِ پاس تي پهچي شهيد بشير خان قريشي جي مزار تي گلن جون چادرون چاڙهيون ۽ ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو .

ان موقعي تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو ته شهيد بابا هڪ صوفياڻي طبيعت جو مالڪ هو ۽ هن سنڌ جي حقن لاءِ  هميشه جدوجهد ڪئي.

 هن چيو ته سنڌ واسين جي ترجماني ڪرڻ   سبب  سڄي سنڌ هن سان پيار ڪري ٿي. .

ان موقعي تي صوفي راڳ جي محفل پڻ رچائي وئي جنهن ۾ سنڌ جي ناموَر صوفي راڳين صوفياڻا ڪلام ڳائي محفل تي وجد طاري ڪري ڇڏيو……….

هي به ڏسي سگهو ٿا

Kashmor: Police arrest, kidnapped, robbery arrested

نيوز: ڪشمور: پوليس جي ڪارروائي، مغوي بازياب، روپوش ڏوهاري گرفتار

ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ مختلف ٿاڻن جي پوليس ڪارروايون ڪري هڪ مغوي کي آزاد ڪرائي روپوش …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے