17 جمعو , آگسٽ 2018

نيوز: حيدرآباد : پاڻي جي کوٽ خلاف سنڌ پروگريسو ڪميٽي جو احتجاج

Hyderabad: The protests of Sindh Progressive Committee against water shortage*سنڌ ۾ پاڻي کوٽ خلاف حيدرآباد ۾سنڌ پروگريسو ڪميٽي پاران احتجاج ڪيو ويو، اڳواڻن ڊئم اڏائڻ جي قدم کي غيرآئيني قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو.

سنڌ پروگريسو ڪميٽي جي ڪنوينئر ۽ اي ڊبليو پي سنڌ جي صدر ڪامريڊ بخشل ٿلهو، جامي چانڊيو. ڪامريڊاقبال، خالد جوڻيجو ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ دريا جي تباهي سنڌ جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي هنن چيو ته هاڻوڪي پاڻي جي کوٽ سبب سنڌ ۾ سارين. ڪپهه ۽ ڪمند سميت ٻين فصلن کي شديد نقصان پهتو آهي.

هنن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي کوٽ جو سبب پنجاب پاران پاڻي کوٽ دوران مڪمل پاڻي کڻڻ آهي. هن چيوته جيڪڏهن پاڻي کوٽ دوران پنجاب جي حصي مان به پاڻي جي ڪٽوتي ڪئي وڃي ته سنڌ ۾ پاڻي جي ايتري کوٽ پيدا نه ٿيندي.

سندن چوڻ هو ته  چيف جسٽس ڊيم اڏائڻ جو حڪم ڏئي آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، پاڪستان جي آئين ۾ پاڻي مسئلو گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو آهي. پاڻي تي پهريو حق پچڙي جي آبادگارن جو هوندو آهي.

اڳواڻن اعليٰ اختيارين ۽ گڏيل مفادن واري ڪائونسل کان مطالبوڪيو ته پاڻي کوٽ ۾ پنجاب کي برابر جو حصيدار بڻائيندي پنجاب جي حصي مان به پاڻي ڪٽي سنڌ مان پاڻي کوٽ ختم ڪن…….

هي به ڏسي سگهو ٿا

Kashmor: Police arrest, kidnapped, robbery arrested

نيوز: ڪشمور: پوليس جي ڪارروائي، مغوي بازياب، روپوش ڏوهاري گرفتار

ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ مختلف ٿاڻن جي پوليس ڪارروايون ڪري هڪ مغوي کي آزاد ڪرائي روپوش …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے