19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز: سامارو: ٽائون ڪميٽي جي اجلاس ۾اعتراضن سبب نئين سال جي بجيـٽ پيش نٿي سگهي

Samaro: New year's budget can not be presented due to the hearing of Town Committee meeting*سامارو ٽائون ڪميٽي جي اجلاس ۾ اعتراضن سبب نئين سال جي بجيـٽ پيش نٿي سگهي.

ٽائون چيئرمين رفيق احمد قائمخاني جي صدارت هيٺ اجلاس دوران ميمبرن جي اعتراضن سبب بجيٽ پيش نه ٿي، اجلاس ۾ ڪائونسل جي منظوري بنا غيرقانوني طور ملازم ڀرتي ڪرڻ ۽ ترقياتي ڪمن ۾ ناقص سامان استعمال ڪرڻ جا انڪشاف ٿيا.

اجلاس ۾ ٽائون ڪميٽي جي وائيس چيئرمين روي سورج ميگھواڙ . وارڊ ڪائونسلر ذوالفقار شاھ بخاري،  شڪيل احمد ۽ بابر خاصخيلي سميت ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ميمبر شڪيل احمد انڪشاف ڪيو  ته ڪائونسل جي سوئيپر طور منظور ٿيل 27 ماڻھن جي جاءِ تي  غيرقانوني 40  من پسند ماڻهو ڀرتي ڪيا ويا آهن.

هن چيو ته گذريل بجيٽ ۾ راندين ۽ ٻين ڪمن لاءِ منظور ڪيل پيسا خرچ نه ٿي سگهيا، گاڏيون خراب هجڻ سبب شھر ۾ صفائي واري مسئلي تي شھرين جون شڪايتون ٿي رهيون آھن.

 اجلاس ۾ چيئرمين رفيق احمد قائمخاني ميمبرن کي خدشا ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي مسئلا حل ڪرڻ بابت اعتماد ۾ ورتو……………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

Dhabeji: Land occupied by influential

نيوز: ڌاٻيجي: تاريخي ماڳ ڀنڀور تي بااثر ڀوتارن۽ چونڊيل نمائندن  جو قبضو

*ڌاٻيجي ويجهو تاريخي ماڳ ڀنڀور تي بااثر ڀوتارن چونڊيل نمائندن سان ملي ڀڳت ڪري مبينا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے