19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز: ڪراچي: شمشير الحيدري ضرب المثل سنڌي اديب ۽ هزارن ۾حيدري هو: ڊاڪٽر شير مهراڻي

Karachi: Shamshir-ul-haidri Zubair-ul-Sindhi was in Sindhi and Hazaras: Dr. Sher Mehrani*نامياري اديب ۽ نقاد ڊاڪٽر شير مهراڻيءَ جديد سنڌي ادب جي ليجنڊ شمشير الحيدري کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته شمشير الحيدري ضرب المثل سنڌي اديب ۽ هزارن ۾ حيدري هو.

اهڙو اظهار هن عوامي آواز ٽي وي جي ادبي پروگرام “تخليق” ۾شمشير الحيدري جي ڇهين ورسي جي موقعي تي ميزبان زرار پيرزادي سان ڳالهائيندي ڪيو.

ڊاڪٽر شير مهراڻي چيو ته شمشير الحيدري هو تحريڪي سنڌي ادب جو سرواڻ هو، ون يونٽ مخالف تحريڪ ۽ سنڌي ٻولي مهم ۾ هن ادبي محاذ تان پاڻ ملهايو، هو لڪير جو فقير نه هو پر  هن پنهنجي سوچ ۽ پاليسين تي ادارن کي هلايو.

هن چيو ته شمشير الحيدريءَ جيڪو به لکيو ۽ جڏهن به لکيو ته ڪمال جو لکيائين.

ڊاڪٽر شير مهراڻي چيو ته شخصي طور شمشير الحيدري بيحد خوددار، بيباڪ ۽ مزاحمت ڪار هو، شمشير الحيدري ٻوليءَ جو تمام وڏو ڄاڻو ۽ گهڻ صلاحيتو شخص هو…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ڪراچي: سنڌ خلاف ٿيندڙ سازش کي گڏيل جدوجهد ذريعي ناڪام ڪبو: رياض چانڊيو

سنڌ درياهه تي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت ۽ پرڏيهين کي سنڌ جو شھري بڻائڻ واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے