26 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز: ڪراچي: پاڻي زيان روڪي 7 ڊئمن جيترو پاڻي بچائي سگهجي ٿو: محمد علي شاهه

Karachi: Water losses can be avoided as much water as possible: Muhammad Ali Shah*پاڻي ماهر ۽ فشرفوڪ فورم جي چيئرمين سيد محمد علي شاهه چيو آهي ته چيف جسٽس ڪالاباغ سميت سمورا ڊيم ٺاهڻ کي پنهنجي زندگي جو ڪارنامو سمجهي ٿو پر ڊيم مسئلي جو حل ناهن، پاڻي زيان روڪي 7 ڊيمن جيترو پاڻي بچائي سگهجي ٿو.

عوامي آواز ٽي جي پروگرام اڄ جو سوال ۾ ميزبان ذوالفقار واهوچو سان ڳالهه ٻولهه ڪندي فشرفوڪ فورم جي چيئرمين سيد محمد علي شاهه چيو ته غيرمنصفاڻي پاڻي ورڇ ۽ پاڻي جي ضايع ٿيڻ سبب بحران پيدا ٿيو آهي، پاڻي ورڇ ۾ انصاف ڪيو وڃي ته بحران ختم ٿي ويندو.

فشر فوڪ فورم جي چيئرمين مطالبو ڪيو ته سنڌو درياءُ کي مسلسل وهڻ جو حق ڏيڻ بابت قانونسازي ڪئي وڃي، جنهن تي هو ڪم ڪري رهيا آهن، ڪوشش آهي ته ان تي جلد ڪم مڪمل ڪيو وڃي.

پروگرام ۾ ڳالهائيندي پاڻي ماهر اعجاز قريشي چيو ته حمل، منڇر ۽ ڪينجهر سميت سموريون ڍنڍون تباهه ٿي رهيون آهن، پ پ جي گذريل حڪومت ۾ ڍنڍن تي ڪوبه ڪم نه ٿيو آهي،  جنهن ڪري ڍنڍن تي آباد ماڻهو ڏڪار جو شڪار ٿي لڏپلاڻ تي مجبور آهن.

اعجاز قريشي چيو ته سنڌ ۾زراعت تي ريسرچ جي ضرورت آهي، موجوده صورتحال کي نظر ۾رکندي اسان کي فصلن جا قسم مٽائڻا پوندا…….

هي به ڏسي سگهو ٿا

Jhol

نيوز | جهول: سوئي سدرن گئس ٽيم پاران مختلف علائقن ۾ ڇاپا، غير قانوني گئس ڪنيڪشن ڪاٽا

جهول ۾ سوئي سدرن گئس ٽيم پاران شهر جي مختلف علائقن ۾ ڇاپا هڻي غير …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے