21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نيوز: دڙو: عوامي تحريڪ جو پاڻي کوٽ ۽ پي ٽي آءِ-ايم ڪيو ايم ٺاهه خلاف احتجاج

Dorr: Public movement water protest against Kot and -MMAدڙي ۾ عوامي تحريڪ پاران  سجاول ضلعي ۾ پاڻي جي سخت کوٽ ، ڪالاباغ ڊيم ۽ پي ٽي آءِ- ايم ڪيو ايم ٺاھه خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ پرويز ميمڻ ، ضلعي سجاول جي صدر حُسين آزاد ميمڻ  ۽ جنرل سيڪريٽري عزيز ميمڻ سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن پاڻي کوٽ، ڪالا باغ ڊئم ۽ پي ٽي آءِ-ايم ڪيو ايم ٺاهه خلاف احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي.

اڳواڻن جو چوڻ هو ته سجاول ضلعي سميت سموري سنڌ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ سبب لکين ايڪڙن تي پوکيل سارين جو فصل سُڪي ۽ سڙي رھيو آھي۽ پيئڻ جي پاڻي جو به وڏو بحران پئدا ٿي ويو آهي جنهن سبب چوپايو مال به اُڃ وگھي مري رھيو آھي.

هنن چيو ته پاڻي جي ھٿرادو کوٽ ڏيکاري ڪالاباغ ڊيم  ٺاھڻ لاءِ جواز ٺاهيو پيو وڃي، ڪالاباغ ڊئم واري سازش کي ڪڏهن به نه قبوليو ويندو.

سندن چوڻ هو ته پي ٽي آءِ تبديلي اھا آندي آھي جو ايم ڪيو ايم جھڙي سنڌ دشمن ۽ دھشتگرد تنظيم سان ٺاھ ڪري حڪومت ۾ شامل ڪري رھي آھي، سنڌ خلاف هر سازش کي برداشت نه ڪبي.

اڳواڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سجاول ضلعي مان پاڻي کوٽ ختم ڪري ڪئنالن ۽ شاخن ۾ مڪمل طور پاڻي فراهمي ڪن، نه ته احتجاجي دائرو وڌايو ويندو……….

هي به ڏسي سگهو ٿا

Jhol: Tribute to martyrs of karbala

نيوز: جهول: مرڪزي امام بارگاهه انجمن سجاديه مان جلوس برآمد

*جهول ۾ مرڪزي امام بارگاه انجمن سجاديه مان جلوس برآمد ٿيو جيڪو پنهنجي منزل طرف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے