26 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز: ميرپور ماٿيلو: بوائز هاءِ اسڪول ۾ فرنيچر جي کوٽ، تعليم متاثر

Mirpur Mathelo: The cost of furniture at Boy's High School, education was impressed*ميرپور ماٿيلي جي بوائز هاءِ  اسڪول ۾ فرنيچر جي سخت کوٽ  سبب اسڪولي شاگرد پٽ تي ويهي تعليم پرائڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.

تاريخي هاءِ  اسڪول ميرپور ماٿيلي ۾ 2500 کان وڌيڪ شاگرد هجڻ باوجود اسڪول کي فرنيچر سميت ڪابھ بنيادي سهولت ميسر ناهي.

هر سال ملندڙ لکين روپيه ايس ايم سي فنڊ به هيڊ ماستر پاران هڙپ ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

هاءِ اسڪول ۾ بنيادي سهولتون نه هئڻ ڪري شاگردن پرائيوٽ اسڪولن ڏانهن لاڙو ڪري ڇڏيو آهي، ته جيئن گلڙن جهڙن ٻارڙن جو مستقبل روشن ٿي سگهي.

هوڏانهن ڊي سي گهوٽڪي توڙي تعليم  جي اعليٰ آفيسرن ها ءِ  اسڪول ڏانهن ڪوبھ ڌيان نھ ڏنو آهي جنهن ڪري ٻارڙن جو مستقل تباه ٿيڻ جو خدشو آهي.

سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن اختيارين کان  هاءِ  اسڪول ۾ فرنيچر مهيا ڪرڻ جو پڻ مطالبو ڪيو آهي……

هي به ڏسي سگهو ٿا

Jhol

نيوز | جهول: سوئي سدرن گئس ٽيم پاران مختلف علائقن ۾ ڇاپا، غير قانوني گئس ڪنيڪشن ڪاٽا

جهول ۾ سوئي سدرن گئس ٽيم پاران شهر جي مختلف علائقن ۾ ڇاپا هڻي غير …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے