17 جمعو , آگسٽ 2018

ڪراچي ۾ ڀتا خور ٻيهر سرگرم، وصولي لاءِ واٽس ايپ استعمال ڪرڻ جو انڪشاف

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) شهر ۾ ڀتاخور ٻيهر سرگرم ٿيڻ لڳا ۽ هن ڀيري هنن طرفان جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. لياري گينگوار جي ڪارندن ڀتو طلب ڪرڻ جو نئنو طريقو ڳولهي ورتو آهي جنهن ۾ سٽي ايريا جي هڪ واپاري کي گينگوار جي ڪارندن واٽس ايپ جي ذريعي آڊيو پيغام موڪلي ڀتي جي رقم طلب ڪئي ۽ ڀتو ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ سنگين نتيجن جي ڌمڪي به ڏني آهي. ڀتا خورن هن ڀيري محتاط رهندي پرڏيهي نمبر استعمال ڪيا جڏهن ته واٽس ايپ پيغام ۾ چيو ويو آهي ته ”پيار سان نه مڃندا ته ۾ گهرن مچي ويندو، توهان چاهيو ٿا ته نقصان ٿئي. جوابدارن جي جڏهن هڪ ڌمڪي واري پيغام سان ڪم نه ٿيو ته سندن ٻئي ساٿي واپاري کي هڪ ٻيو پيغام موڪليو ۽ چيو ته ” ڳالهه ٻڌ تنهنجو پيءُ شجرو سڄو اسان وٽ آهي، هن وقت تائين توکي سمجهايون پيا، توکي سمجهه ۾ نٿو اچي،  هاڻ توکي ٻئي طريقي سان سمجهائينداسين. ڀتي جو مطالبو ڪندڙن جو تعلق لياري گينگوار جي فيصل پٺاڻ گروپ سان آهي ۽ واپاري به قانون لاڳو ڪندر دارن کي صورتحال جي حوالي سان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته آءِ جي سنڌ امجد سليمي واقعي جو نوٽيس وٺي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارتي رياست ڪيرالا ۾ ٻوڏ سبب 100 کان وڌيڪ ماڻهن جي فوت ٿيڻ تصديق

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست ڪيرالا ۾ چوماسيءَ جي مينهن 106 ڄڻن جي فوت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے