19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز: قمبر : سنڌ ۾پاڻي کوٽ ۽ موري واقعي خلاف ايس پي سي جي ريلي

Qambar: SPC rally against police coot and moro incident in Sindh* سنڌ ۾پاڻي کوٽ ۽ موري واقعي خلاف قمبر ۾ايس پي سي پاران ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

عوامي ورڪرز پاٽي جي ڪامريڊ سينگار نوناري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف بس اسٽاپ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو.

ريلي کي خطاب ڪندي ڪامريد سينگار نوناري چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ سازش ذريعي سڄي سنڌ سڪائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، سنڌ جو ماڻهو تاريخي حق بچائڻ ۽ بحال ڪرائڻ لاءِ ميدان تي لٿل آهي.

هن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي بند ڪري سنڌي ماڻهن جو معاشي قتل عام ڪيو پيو وڃي، پاڻي کوٽ سبب ڪيترن ئي علائقن جو آباد زمينون بنجر بڻجي ويون آهن.

سندس چوڻ هو ته سنڌو درياهه سنڌ جي ملڪيت آهي، پنجاب ٽي درياهه وڪڻي پاڻي جي کوٽ به سنڌ جي ڳچيءَ ۾ وڌي وئي آهي، اهڙي عمل جي سخت مذمت ڪجي ٿي.

اڳواڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ بنا دير زرعي پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي ۽ سياسي سماجي ڪارڪنن تان ڪيس ختم ڪن…….

هي به ڏسي سگهو ٿا

SobhoDero

نيوز | سوڀو ديرو: شهرين پاران واهه مان مئل ڍور نه ڪڍڻ تي انتظاميه خلاف احتجاج

سوڀي ديري ۾ شهرين پاران واهه مان مئل ڍور نه ڪڍڻ تي انتظاميه خلاف احتجاج …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے