18 ڇنڇر , آگسٽ 2018

نيوز: نوابشاهه : ايس ٽي پي جو قطب رند جي قتل ۽ گم ٿيل نينگر جي بازيابي لاءِ احتجاج

Nawabshah: Protest for SPP polio killings and lost nurse*نوابشاهه ۾سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران لاهور ۾ قتل ٿيل قطب رند جي خون سان انصاف لاءِ ۽ پوليس پاران سڪرنڊ روڊ تان گم ٿيل نينگر جي ڳولها  نه  ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو .

ايس ٽي پي ڪارڪنن  نثار ڪيريو، شاهنواز ڪيريو، معصوم نينگر جي والد محمد ڀٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.

 هنن چيو ته نوجوان آرٽسٽ قطب رند کي بيگناهه قتل ڪيو ويو آهي جڏهن ته اڃا تائين اصل جوابدار به گرفتار نه ڪيا وياآهن.

 هنن چيو ته نينگر وقار ڀٽي کي گم ٿئي ڪيترائي ڏينهن گذري ويا آهن پر اڃاتائين پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي .

 هنن مطالبو ڪيو ته قطب رند جي قاتلن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ۽ گم ٿيل نينگر وقار ڀٽي جي ڳولها ڪئي وڃي  ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو …….

هي به ڏسي سگهو ٿا

Khuhra: Demand to kill Street dogs, these dogs become dangerous

نيوز: کهڙا: رولو ڇتن ڪتن جو آزار وڌي ويو , ڊي سي خيرپور…!

*کهڙا ۾ رولو ڇتن ڪتن جو آزار وڌي ويو ،  رولو ڪتن ڪيترن ئي مردن، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے