23 آچر , سيپٽمبر 2018

نيوز: سانگهڙ: ايس ٽي پي جي سڏ تي مصور قطب رند جي قتل خلاف احتجاج

Sangar: protest against killing of Mr. Pravaband Rand on SSP*سانگهڙ  ۾ ترقي پسند پارٽي  جي سڏ تي  جيڪب آباد واسي مصور قطب علي رند جي قتل خلاف احتجاج ڪيو ويو.

علي ڏنو خاصخيلي،  رضا ڏاهري،  علي حسن شر  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ  لاهور يونيورسٽي ۾  پڙھندڙ قطب علي رند کي بي گناه قتل ڪيو ويو آهي.

هنن چيو تھ  پنجاب حڪومت نوجوان جي قتل ڪيس ۾ ملوث  جوابدارن کي گرفتار نه ڪري رهي آهي.

اڳواڻن چيو تھ پنهنجي ملڪ ۾ ئي سنڌي شاگرد غير محفوظ آھن ته پوءِ  عام ماڻھن جو ڇا ٿيندو.

هنن اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ  پنجاب يونيورسٽي جي شاگرد قطب علي رند جي قاتلن کي فوري طور تي  گرفتار ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو…….

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ڪوٽ غلام محمد ۾ ڳوٺاڻن پاران نشيءَ جي واهپي ۽ وڪري خلاف احتجاج

ڪوٽ غلام محمد ۾ ڳوٺاڻن پاران نشيءَ جي واهپي ۽ وڪري خلاف احتجاج ڪيو ويو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے