17 جمعو , آگسٽ 2018

  تحريڪ انصاف اسد قيصر کي قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر نامزد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر لاءِ اسد قيصر کي نامزد ڪري ڇڏيو. بني گالا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي تحريڪ انصاف جي وائس چيئرمين شاهه محمود قريشي اسد قيصر کي قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر نامزد ڪرڻ جو اعلان ڪيو. شاهه محمود قريشي چيو ته اسد قيصر پنجن سالن تائين ڪي پي اسيمبليءَ جو اسپيڪر رهي چڪو آهي ۽ اسيمبلي جي قائدن کان واقف آهي تنهن ڪري کيس اسپيڪر جو اميدوار نامزد ڪيو آهي. هن چيو ته چوڌري پرويز الاهي پنجاب اسيمبلي ۾ اسپيڪر جو اميدوار هوندو. سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف پنهنجي اتحادين ۽ ق ليگ سان گڏجي پرويز الاهي کي اسپيڪر نامزد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارتي رياست ڪيرالا ۾ ٻوڏ سبب 100 کان وڌيڪ ماڻهن جي فوت ٿيڻ تصديق

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست ڪيرالا ۾ چوماسيءَ جي مينهن 106 ڄڻن جي فوت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے