17 جمعو , آگسٽ 2018

عمران خان 18 آگسٽ تي وزارت عظميٰ جي عهدي جو قسم کڻندو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان 18 آگسٽ تي وزيراعظم جي عهدي جو قسم کڻندو. صدر ممنون حسين قومي اسيمبلي جو اجلاس 13 آگسٽ تي طلب ڪيو آهي. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ نوان چونڊيل ميمبر پنهنجي عهدي جو قسم کڻندا. قسم کڻڻ کانپوءِ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ڪئي ويندي. وزيراعظم جي چونڊ لاءِ اجلاس جشن آزاديءَ جي موڪل کانپوءِ طلب ڪيو ويندو. تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان 18 آگسٽ تي وزارت عظميٰ جي عهدي جو قسم کڻندو. تحريڪ انصاف اڳواڻ فيصل جاويد به عمران خان جي قسم کڻڻ لاءِ 18 آگسٽ جي تاريخ مقرر ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي. مخالف ڌر جي گرينڊ الائنس پاران عمران خان جي مقابلي ۾ مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو اميدوار نامزد ڪيو آهي جڏهن ته خورشيد شاهه قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر جو اميدوار آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارتي رياست ڪيرالا ۾ ٻوڏ سبب 100 کان وڌيڪ ماڻهن جي فوت ٿيڻ تصديق

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست ڪيرالا ۾ چوماسيءَ جي مينهن 106 ڄڻن جي فوت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے