24 سومر , سيپٽمبر 2018

نيوز: ٽنڊو الهيار: ايس ٽي پي طرفان  قطب رند جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

Tando Allahyar: Protest by STP for the arrest of Qutub Rind*ٽندي الهيار ۾ ايس ٽي پي پاران قطب رند جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو .

ايس ٽي پي جي ڪارڪنن محبوب سمون ، افضل جسڪاڻي ، امداد ناريجو  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو .

 ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته  قطب رند کي بنا ڪنهن سبب جي قتل ڪيو ويو آهي .

هنن چيو ته ڪيترائي ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس اصل جوابدارن کي گرفتار ڪري نه سگهي آهي.

   هنن چيو ته هڪ سنڌي  نوجوان کي لاهور ۾ بي رحمي سان قتل ڪيو وڃي ٿو پر ان جي قتل جو ڪوبه ازالو نه ٿو ٿئي .

 هنن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کان مطالبو ٿا ڪيو ته قطب رند جي قتل جي جاچ ڪرائي قاتلن کي گرفتار ڪري سزائون ڏنيون وڃن……………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | حيدرآباد: چيني واپاري پاران شهر ۾ سڌي ريت واپار ڪرڻ جو اعلان

حيدرآباد ۾ چيمبر آف ڪامرس جي صدر محمد شاهد ۽ چائنا جي صنعتڪار جانگ يانگ  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے