18 ڇنڇر , آگسٽ 2018

نيوز: نوابشاهه: پورهيت  جو بااثر جي ناانصافين خلاف پنهنجي برادري جي ماڻهن سان گڏ احتجاج

Nawabshah: Worker's protest against feudal*نوابشاهه ۾ پورهيت بااثر جي ناانصافين خلاف پنهنجي برادري جي ماڻهن سان گڏجي احتجاج ڪيو .

  گپچاڻي جي ڳوٺ سرور بروهي جي رهواسي سومر پنهنجي برادري جي عورتن ۽ مردن سان گڏ بااثر وڏيري سرور بروهي، منشي پپو گورچاڻي ۽ رب ڏنو نوناري جي ظلمن خلاف نوابشاهه پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو .

 هن الزام هڻندي چيو ته  هو سندس ڪٽنب 5 مهينن کان سرور بروهي جي بٺي تي مزدوري ڪئي ۽ جڏهن مزدوري جا پئسا گهريا ته هُن تشدد ڪيو .

هن الزام هنيو ته مٿس تشدد ڪري کيس نظر بند ڪيو ويو جڏهن ته سندس ٻن پٽن کي اغوا ڪري گپچاڻي پوليس حوالي ڪيا ويا.

 هن چيو ته بااثر کانئس پٽن  جي آزادي لاءِ 2 لک رپيا ڀنگ طلب  ڪري رهيو آهي .

هن چيو ته بااثر ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي هن وٽ مزدوري نه ڪرڻ جي صورت ۾ ڪٽنب کي قتل ڪرايو ويندو .

 هن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ آءِ جي سنڌ کي اپيل ڪئي آهي ته بااثر خلاف ڪارروائي ڪري سندس پٽن  آزاد ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي……………

هي به ڏسي سگهو ٿا

Khuhra: Demand to kill Street dogs, these dogs become dangerous

نيوز: کهڙا: رولو ڇتن ڪتن جو آزار وڌي ويو , ڊي سي خيرپور…!

*کهڙا ۾ رولو ڇتن ڪتن جو آزار وڌي ويو ،  رولو ڪتن ڪيترن ئي مردن، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے