17 جمعو , آگسٽ 2018

آمريڪي راڳي پريانڪا چوپڙا سان مڱڻي جي تصديق ڪري ڇڏي

The US was confirmed by priyanka chopraPuppets with flowersممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ فلم انڊسٽري ۾ جنگلي ٻلي جي نالي سان مشهور پريانڪا چوپڙا ۽ آمريڪي راڳي نڪ جونس جي وچ ۾ محبت جو خبرون ته ڪافي عرصي کان اچي رهيون آهن، جڏهن ته گذريل 2 مهينن کان سندن مڱڻي جا افواهه پڻ هلي رهيا آهن. هلندڙ مهيني جي پهرين هفتي ۾ نڪ جونس ۽ پريانڪا چوپڙا سنگاپور ۾ ميوزڪ ڪنسرٽ ۾ گڏ ڏٺا ويا، جنهن بعد اداڪارا واپس ڀارت پهتي تڏهن سندس آڱر ۾ مُنڊي ڏٺي وئي. جڏهن ته اداڪارا ممبئي ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪرندي وڏي چالاڪيءَ سان امڪاني مڱڻي واري منڊي پنهنجي جينز ۾ لڪائي ڇڏي. منڊي لڪائڻ جي هڪ ڏينهن بعد ئي پريانڪا چوپڙا ممبئي ۾ ٿيندڙ هڪ تقريب ۾ جيتوڻيڪ نڪ جونس سان مڱڻي يا شادي وارين خبرن جي ترديد يا تصديق نه ڪئي. پر ان باوجود هن چيو هو ته هي ان جو ذاتي مسئلو آهي ۽ هو ان معاملي تي ڳالهائڻ نٿي چاهي. پر هاڻ آمريڪي راڳي 25 ورهين نڪ جونس اداڪارا سان مڱڻي تي دٻيل انداز ۾ تصديق ڪري ڇڏي. پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪا ۾ پرفيوم جي رونمائي واري تقريب دوران هڪ مداح نڪ جونس کي مڱڻي جون واڌايون ڏنيون، جنهن راڳي سندس ٿورا مڃيا. خابرو اداري موجب اهو پهريون دفعو آهي جو آمريڪي راڳي ڀارتي اداڪارا سان مڱڻي واري معاملي تي خاموشي اختيار ڪرڻ بجاءَ ان جي تصديق ڪئي. نڪ جونس طرفان وڌايون ڏيندڙ مداح جا ٿورا مڃڻ کي سندس پاران مڱڻي جي تصديق طور ڏيکاريو پيو وڃي.جڏهن ته راڳي ۽ اداڪارا ان حوالي سان اڃان تائين واضح انداز ۾ مڱڻي جي تصديق ناهي ڪئي. جيتوڻيڪ ٻنهي اداڪارن کي ڪيترائي ڀيرا گڏ ڏٺو ويو آهي ۽ اطلاع آهن ته ٻئي هلندڙ مهيني مڱڻي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويندا، پر اڃان تائين ٻنهي واضح طور ڪو به بيان جاري ناهي ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The head of the head and the crown Prince Shujaa, Nasrat Fateh Ali Khan, was defeated by fans since 21 years.

سُر ۽ سنگيت جي بي تاج بادشاهه استاد نصرت فتح علي خان کي مداحن کان وڇڙئي 21 ورهيه وهامي ويا

ڪراچي(شوبز نيوز) شهنشاهه قوال ۽ موسيقي جي دنيا جي بي تاج بادشاهه استاد نصرت فتح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے