22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز: سن: رورل ھيلٿ سينٽر جي انچارج خلاف سن شھري ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي احتجاج، ڌرڻو

Sann: Protest against Incharge of Rural health center by Citizen action committee*سن ۾ رورل ھيلٿ سينٽر جي انچارج خلاف سن شھري ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي احتجاج ڪيو ويو .

شهري ايڪشن ڪميٽي جي ڪارڪنن عبدالله شاھ، سيد طفر شاھ، خيرمحمد کوسو  ،عثمان خاصخيلي جي اڳواڻي  جي ايم سيد چوڪ کان ريلي ڪڍي اسپتال جي مک در  اڳيان ڌرڻو هنيو .

ان موقعي تي اڳواڻن دانھيندي چيو ته سن اسپتال ھڪ سماجي تنظيم پئي ھلائي رهي آهي

  هنن چيو ته اسپتال ۾ مريضن کي ڪي به سهولتون ميسر ناهن ۽ نه صفائي سٿرائي جو بندوبست ٿيل آهي .

 هنن الزام هنيو ته دوائون مريضن کي ڏيڻ بدران وڪرو ٿي رهيون آهن جڏهن ته اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي پڻ کوٽ آهي.

 هنن مطالبو  ڪيو ته اسپتال ۾ سموريون سهولتون فراهم ڪيون وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

ٻئي طرف ڊي ايڇ او ڄامشورو سڪندر شاهه احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪيون ۽ کين ٻڌايو ته  هاڻي هو ڪنهن به ڊاڪٽر يا هيٺئن عملي کي هٽائي نٿا سگهن ڇاڪاڻ ته اسپتال سماجي تنظيم جي حوالي آهي ……………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | چمبڙ: عاشوري جي موقعي تي ماتمي جلوس ڪڍيو ويو

چمبڙ ۾  عاشوري جي موقعي تي مرڪزي ماتمي جلوس ڪڍي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے