23 آچر , سيپٽمبر 2018

نيوز: کهڙا: سومرا محلي جو ٽرانسفارمر پنجن ڏينهن کان خراب، ڳري رشوت طلب

Khuhra: Transformer remain unrepaired on fiifth day, wanted heavy bribe*کهڙا ۾ سومرا محلي جو ٽرانسفارمر خراب ۽ بند پيل آهي، 5 ڏينهن گذري وڃڻ جي باوجود به اڃان تائين ٽرانسفارمر تبديل نه ڪيو ويو آهي.

سيپڪو عملدارن محلي واسين کان ٽرانسفارمر ٺهرائڻ لاءِ  هزارين روپيا ڳري رشوت طلب ڪري ورتي آهي.

 ٽرانسفارمر خراب هجڻ ۽ سخت گرمي ماڻهن جا لاهه ڪڍي ڇڏيا آهن جڏهن معاشي ۽ سماجي سرگرميون پڻ سخت متاثر ٿي رهيون آهن.

 کهڙا جي سومرا محلي واسين عبدالجبار اڄڻ، عبدالستار، سيف علي، نديم مغل ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ٽرانسفارمر خراب پيل آهي 5 ڏينهن ٿي ويا آهن پر اڃان تبديل ناهي ڪيو ويو.

انهن سيپڪو چيف کان گهر ڪئي ته ٽرانسفارمر تبديل ڪري سومرا محلي جي بجلي بحال ڪرائي وڃي،…………

هي به ڏسي سگهو ٿا

NorthWaziristan7Martyred, , Thar, IGSindh, Badin, Khoski

رات يارهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-22

*اتر وزيرستان:فورسز جو آپريشن،9 دهشتگرد مارجي ويا، آفيسر سميت 7 اهلڪارشهيد *ٿر ۾ ڏڪاري حالتن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے