17 جمعو , آگسٽ 2018

سام سنگ نئين سمارٽ گهڙي گليڪسي واچ متعارف ڪرائي ڇڏي

Samsung introduced a new Smart Galaxy Watchاڪراچي(ويب ڊيسڪ) سام سنگ پنهنجي نئين سمارٽ گليڪسي واچ کي متعارف ڪرائي ڇڏيو. گذريل رات نيويارڪ ۾ هڪ ايونٽ دوران سام سنگ پنهنجي نئين سمارٽ گهڙي کي متعارف ڪرايو ۽ ان ڀيري ان  ڊيوائس جو نالو  گليڪسي گيئر مان مٽائي گليڪسي واچ رکيو ويو آهي.  ان گهڙي ۾ سام سنگ ٿري جي/ ايل ٽي اي ڪنڪٽويٽي ڏني وئي آهي جڏهن ته ان جي وائرليس چارجنگ پڻ ممڪن آهي. اها گهڙي سرڪولر بيزل سان گڏ آهي جنهن سان ڪنٽرول وڌيڪ بهتر ٿي ويو آهي اهو گهڙي ٻن مختلف سائزن ۾ ملي سهگندي جيڪي اڳ وارين سام سنگ واچن جي ڀيٽ ۾ نمايان بهتري آهي، ڇاڪاڻ تي پهريان اڪثر گهڙيون هٿن کان گهڻو وڏيون هونديون هيون. ڪمپني موجب 270 ايم اي ايڇ کان 472 ايم اي ايڇ بيٽري استعمال ڪئي وئي آهي جيڪا هڪ ڀيرو چارج ڪرڻ تي ڪيترن ئي ڏينهن تائين ڪم ڪري سگهي ٿي جيڪا متاثر ڪندڙ دعويٰ آهي ۽ جيڪڏهن اها دعويٰ درست آهي ته پوءِ اها ٻين ڪمپنين جي واچ برانڊن کي مقابلي واري ٽڪر ڏيڻ واري آهي. ڪمپني نئون وائرليس چارج Duo متعارف ڪرايو آهي جنهن سان گليڪسي واچ سان گڏ سام سنگ جو ڪو به موبائل فون پڻ هڪ ئي وقت چارج ڪري سگهبو. ان ۾ ڪمپني جو پنهنجو ٽيزين آپريٽنگ سسٽم ڏنو ويو آهي. ان ۾ 1.3 اچن ۽ 1.2 انچ جي سپر اموليڊ ٽچ ڊسپلي ڏنا ويا آهن جن تحفظ لاءِ گوريلا ڊي ايڪسن پلس گلاس استعمال ڪيو ويو آهي. هي گهڙي واٽر ريزيزٽنس ۽ ڊسٽ پروف آهي جڏهن هارٽ ريٽ مانيٽر، لائٽ سنسر ۽ ٻيا روايتي فيچر پڻ ڏنا ويا آهن. ايل ٽي اي ورزن 4 جي بي اسٽوريج ۽ 1.15 جي بي ريم سان گڏ آهي جڏهن ته بليوٽوٿ ورزن 768 ايم بي ايم ۽ 4 جي بي اسٽوريج سان گڏ آهي. اها سمارٽ واچ مختلف ملڪن ۾ 24 آگسٽ کان 329.99 ڊالرن کان 349.99 ڊالرن ۾ دستياب هوندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Fifty years of Facebook's Facebook traffic decreased by 50 percent in two years

ٻن ورهين دوران فيسبڪ جي ٽريفڪ انگ ۾ 50 سڪيڙو گهٽتائي: رپورٽ

ڪيليفورنيا(ويب ڊيسڪ) سڄي دنيا ۾ مشهور سوشل ميڊيا ويب سائٽ” فيسبڪ“ جي مقبوليت جو گراف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے