17 جمعو , آگسٽ 2018

پي ڪي 23 شانگا ۾ عورتن جي گهٽ ٽرن آئوٽ بابت فيصلو محفوظ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن ڪي پي جي تڪ پي ڪي 23 شانگلا ۾ عورتن جي 10 سيڪڙو گهٽ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ محمد رضا جي سربراهيءَ ۾ 5 رڪني ڪميشن پي ڪي 23 شانگلا ۾ عورتن جي ووٽن جي گهٽ ٽرن آئوٽ جي معاملي تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران شوڪت يوسف زئي جو وڪيل پيش ٿيو ۽ دليل ڏيندي چيو ته ڪي پي ۾ عورتن جو ٽرن آئوٽ 10 سيڪڙو کان گهٽ رهيو. هن چيو ته هر پولنگ اسٽيشن تي وڏي انگ ۾ سڪيورٽي ۽ پولنگ اهلڪار مقرر ٿيل هئا. وڪيل موجب ولي خان کانسواءِ ڪنهن عورتن جي گهٽ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ جي شڪايت نه ڪئي آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته جيڪڏهن ڪو به شڪايت نه ڪري ته اسان پنهنجي رڪارڊ مان پاڻمرادو نوٽيس وٺي سگهون ٿا. هن چيو ته توهان جي خيال ۾ اسان پنهنجي ان مهم ۾ ڪامياب نه ٿيا آهيون ته عورتون اچي ووٽ ڪاسٽ ڪن. سندس چوڻ هو ته گذريل چونڊن ۾ دير ۾ عورتن جو ووٽ پول نه ٿيڻ سبب ننڍي چونڊ ڪرائي وئي، توهان ڏٺو ته هن ڀيري دير مان ڪيترو سٺو ٽرن آئوٽ رهيو، اپر دير ۾ عورتن جو ٽرن آئوٽ 30 سيڪڙو آهي. ٻڌڻي بعد اليڪشن ڪميشن ان معاملي تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارتي رياست ڪيرالا ۾ ٻوڏ سبب 100 کان وڌيڪ ماڻهن جي فوت ٿيڻ تصديق

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست ڪيرالا ۾ چوماسيءَ جي مينهن 106 ڄڻن جي فوت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے