17 جمعو , آگسٽ 2018

بلاول ڀٽو زرداري فضل الرحمان جي ادارن خلاف بيان تي خدشن جو اظهار ڪري ڇڏيو

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ادارن خلاف مولانا فضل الرحمان جي بيانن تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي. بلاول ڀٽو زرداري ادارن خلاف مولانا فضل الرحمان جي بيانن تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري خورشيد شاهه، شيري رحمان ۽ ٻين کي هدايت ڪئي آهي ته فضل الرحمان سان ڳالهائين ۽ مخالف ڌر جي اتحاد ۾ رڳو ڌانڌلي تي ڳالهايو وڃي. هن چيو ته پارليامينٽ اندر مضبوط احتجاج ۽ قانوني طريقو اختيار ڪيو وڃي ۽ ادارن خلاف ڪنهن به بيان جو حصو نه بڻجڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارتي رياست ڪيرالا ۾ ٻوڏ سبب 100 کان وڌيڪ ماڻهن جي فوت ٿيڻ تصديق

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست ڪيرالا ۾ چوماسيءَ جي مينهن 106 ڄڻن جي فوت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے