17 جمعو , آگسٽ 2018

ڊئنمارڪ ۾ برقعي ۽ نقاب تي پابندي خلاف فيشن ماڊلن جو انوکو احتجاج

Induced protests of fashion modeling against the electrolys and impedance restriction in Disneyڪوپن هيگ(ويب ڊيسڪ) ڊئنمارڪ جي گادي واري شهر ڪوپن هيگن ۾ ٿيل ٻن ڏينهن واري فيشن ويڪ ۾ عورتن پاران برقعي ۽ نقاب تي لڳايل پابندي خلاف منفرد انداز ۾ احتجاج ڪيو ويو . ويجهڙائي ۾ ڪوپن هيگن فيشن ويڪ جو ميلو سجايو ويو جنهن ۾ اسٽريٽ اسٽائل سميت ٻيا منفرد اسٽائل پيش ڪيا ويا. دي انڊيپنڊنٽ جي هڪ رپورٽ موجب فيشن ويڪ دوران ڪيترن ئي ڊيزائينرن پنهنجي پنهنجي ڪليڪشنز جي مشهوري ڪئي پر هڪ ايراني ڊيزائنر ريزا اعتمادي پنهنجي برانڊ ” ايم يو ايف 10“ جي تحت سمورن ماڊلن کي برقعي ۽ نقاب ۾ پيش ڪيو جن انتهائي اعتماد سان ريمپ تي واڪ ڪيو. ماڊلن حجاب، برقعي ۽ نقاب ۾ ريمپ تي واڪ ڪندي عورتن جي حقن جي ڌاڙو هڻڻ خلاف آواز بلند ڪيو. ڊيزائنر ريزا اعتمادي جو چوڻ هو ته ان جي ذميداري آهي ته هو عورتن جي آزادي ۽ انهن جي خيالن ۾ مدد ڪري. هن جو چوڻ هو ته اختيارين عورتن جي پردي ڪرڻ تي پابندي لڳائي سندن حقن تي ڌارو هنيو آهي جڏهن ته اوڀر واري دنيا ۾ آزاد سوچ ۽ پسند تي فخر ڪيو ويندو آهي. هن جي ڪليڪشن ۾ جتي عورت ماڊلن برقعي، حجاب ۽ نقاب ۾ ريمپ تي واڪ ڪيو اتي ئي مڙد ماڊلن کي پوليس اهلڪارن جي وردي ۾ پيش ڪري عورتن جي حقن تي ڌاڙو هڻندي ڏيکاريو ويو آهي. ان دوران ڪجهه عورت ماڊلن پوليس جي وردي پهري ريمپ تي واڪ ڪيو جن کي برقعي وارين عورتن جي حقن جي حفاظت ڪندي ڏيکاريو ويو. واضح رهي ته هلندڙ سال مئي ۾ ڊئنمارڪ ۾ مسلم عورتن جي نقاب ۽ برقعو پهرڻ تي پابندي وارو قانون لاڳو ڪيو ويو هو. ان سلسلي ۾ هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ هڪ مسلم عورت تي عوامي هنڌن تي نقاب لڳائڻ تي ڏنڊ پڻ هنيو ويو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Restriction of buying non-housing houses in nandland

نيوزيلينڊ ۾ غيرملڪين جي گهر خريدڻ تي پابندي

ڪرائسٽ چرچ(ويب ڊيسڪ) نيويلينڊ ۾ غيرملڪي شهرين جي گهر خريد ڪرڻ تي پابند لاڳو ڪئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے