19 اربع , سيپٽمبر 2018

عيدالاضحيٰ 22 آگسٽ تي ٿيندي: موسميات کاتو جي اڳڪٿي

Appendix will be on August 22: Weather Forecastلاهور(ويب ڊيسڪ) موسميات واري کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته 12 آگسٽ تي ذوالحج جو چنڊ نظر اچڻ جا چٽا امڪان آهن، جڏهن عيدالاصحيٰ 22 آگسٽ تي ٿي سگهي ٿي. موسميات واري کاتي موجب ڇنڇر (11 آگسٽ) جي منجهند جو چنڊ جي پيدائش ٿيڻ شروع ٿي ويندي، جنهن بعد چٽا امڪان آهن ته 12 آگسٽ تي ذوالحج جو چنڊ نظر اچي ويندو. اهڙي طرح ٺيڪ ڏهن ڏينهن بعد يعني 22 آگسٽ تي عيدالاضحيٰ ٿيڻ  جا امڪان آهن. عيدالاضحيٰ ذوالحج کي 10 هين تاريخ تي ملهائي ويندي آهي، ان ڏينهن تي مسلمان حج به ڪندا آهن جڏهن سنت ابراهيمي تي عمل ڪندي جانورن جي قرباني جو فرض پڻ سرانجام ڏيندا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام: مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام دوران جلوسن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي جناح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے