20 خميس , سيپٽمبر 2018

رازداري ڪيس: عمران خان جي معافي قبول، ڪاميابيءَ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو حڪم

Protests against Imran Khan's auto notice of privacy

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي خلاف ووٽ جي رازداري ظاهر ڪرڻ واري پاڻمرادي نوٽيس ڪيس ۾ معافي قبول ڪندي سندس اين اي 53 تان ڪاميابيءَ جو نوٽيفيشن جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.  25 جولائي تي ٿيل عام چونڊن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ اين اي 53 اسلام آباد جي پولنگ اسٽيشن تي ويوجتي هن پولنگ بوٿ جي پويان وڃي ٺپو لڳائڻ بجاءَ ميڊيا جي سامهون ئي بيلٽ پيپر تي ٺپو لڳايو جنهن جو اليڪشن ڪميشن نوٽيس ورتو. چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا جي سربراهي ۾ 4 رڪني بئنچ عمران جي خلاف ووٽ جي رازداري ظاهر ڪرڻ تي پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي ڪري رهي آهي جنهن سلسلي ۾ بابر اعواڻ جو مددگار وڪيل ڪميشن جي روبرو پيش ٿيو ۽ ٻڌايو ته بابر اعواڻ ڪجهه دير ۾ پهچندو. ان تي چيف اليڪشن ڪمشنر رمارڪس ڏنا ته بابر اعواڻ کان وڌيڪ اسان کي هتي جواب گهرجي پيو. اليڪشن ڪميشن بابر اعواڻ جي اچڻ تائين ٻڌڻي ملتوي ڪئي جيڪا ڪجهه دير بعد ٻيهر شروع ڪئي وئي. عمران خان جي وڪيل بابر اعواڻ پنهنجي اصيل جو صحيح ٿيل معافي نامو ۽ حلفي بيان جمع  ڪرايو جنهن بعد بئنچ فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو. واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن ووٽ جي رازداري ظاهر ڪرڻ تي عمران خان کان صحيح ٿيل معافي نامو ۽ حلفي بيان طلب ڪيو هو ۽ گذريل ڏينهن بابر اعواڻ جو لکت ۾جواب رد ڪيو ويو هو. اليڪشن ڪميشن عمران خان جي معافي قبول ڪندي سندس اين اي 53 تان ڪاميابي جو نوٽيفيڪشن جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اهو تاثر درست ناهي ته ججن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر قانونداد اعتزاز احسن چيو آهي اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے