18 ڇنڇر , آگسٽ 2018

قطب رند جو ٽيون قاتل ڪير آهي؟

سنڌ جي آرٽسٽ ۽ تخليقار قطب رند جي قتل جي ڳجهارت جهڙوڪر هاڻي ڀڄي پئي آهي ۽ قطب رند جي قتل ۾  ٻه نه پر ٽي قاتل نروار ٿي آيا آهن، جن مان ٽيون قاتل انتهائي بااثر ٻڌايو پيو وڃي، جڏهن ته پوليس قطب رند جي قتل ۾ ملوث باقي ٻن جوابدارن مان هڪ جي گرفتاري ظاهر نه ڪئي آهي ۽ جنهن ملزم جي گرفتاري ظاهر ڪئي وئي آهي ان کي نشئي ۽ ڪل ٿڙيل قرار ڏيڻ جون ڀرپور ڪوشش ڪيون پيون وڃن، جڏهن ته قطب رند جي ڪردار ڪشي ڪندي کيس مذهب خلاف توهين آميز عمل جو مرتڪب ڄاڻائڻ جي پڻ ڀرڀور ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

قدرت سنڌ کي سنڌو سڀيتا کي ڪيئي انعامن ۽ اعزازن سان نوازيو آهي پر انهن سڀني اعزازن ۽ انعامن مان هڪ اعزاز ۽ انعام تخليق ڪار، فنڪار ۽ ڏاتار ڪيئي سو هزار املهه ماڻڪن جي روپ ۾ ڏيڻ آهي، سنڌوءَ جي پاڻيءَ جي جنهن به سُرڪ ڀري ڄڻ ان جي وجود مان تخليق ۽ ڪلا تجلا ڏئي نڪري پوندي.

نيشنل ڪالج آف آرٽس، لاهور هڪ اهڙو ادارو آهي جتي ڪيئي سنڌي شاگرد ۽ شاگردياڻيون پنهنجي ڏات جي اوجر لاءِ وڃن ٿا ۽ ڪامياب ٿي سڄي جڳ جهان ۾ ڏات جو ڦولار ۽ ڦهلاءُ ڪن ٿا پر بدقسمتي اها آهي ته ڪيئي شاگرد وري رت ۾ ريٽو ٿي لاشن جي صورت ۾ سنڌ موٽن ٿا، اين سي اَي سميت قائد اعظم يونيورسٽي، پنجاب يونيورسٽي ۽ پنجاب جا ٻيا تعليمي ادارا جهڙوڪر سنڌي شاگردن لاءِ مقتل گاهه ۽ ذلتن جا مرڪز رهندا پئي آيا آهن.

قطب رند جي قتل جي سلسلي ۾ هڪ بدنصيبي اها به آهي ته جنهن وقت سندس قتل جي واردات ٿي ان وقت قطب رند جو والد ۽ سندس ٻه سوٽ پڻ ساڻس گڏ لاهور پهتل هُئا ۽ انهيءَ مسواڙ جي جاءِ ۾ رهائش پذير هيا، جنهن ۾ هو گذريل چئن سالن کان رهندو هو. واردات جو منظر نامو پڻ سندن جي موجودگيءَ ۾ پيش ٿيو.فرق صرف اهو هو ته هو پردي جي پويان هيا. قطب رند پنهنجن مائٽن سان ڪمري ۾ ويٺو هو ته کيس گهر ڌڻين جو سڏ ٿيو ۽ هو ٻاهر نڪري ويو، هُو جيئن ئي ٻاهر نڪتو ته پويان گهر ڌڻين سندس ڪمري جو در بند ڪري ڪڙو ڏئي ڇڏيو جنهن ڪري قطب جا مائٽ اندر رهيا ۽ قطب تي ٻاهر لوهي راڊن سان تشدد ٿيندو رهيو، تشدد ڪرڻ بعد کيس ٻه ماڙ تان هيٺ اڇلو ويو، بعد ۾ پوليس جي اچڻ سان کيس زخمي حالت ۾ اسپتال پهچايو ويو جتي هنُ هن دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو.

قطب رند جي قتل متعلق سندس والد جو چوڻ آهي ته ٻاهر ٻه نه پر ٽي ماڻهو هيا،  جن قطب تي تشدد ڪيو، بعد جي اخباري رپورٽن موجب قطب کي ٻي ماڙ تان هيٺ ڌڪو ڏيندڙ به ٽي ٻڌايا ويا، جن مان ٽيون ماڻهو نه ته نامزد آهي ۽ نه ئي گرفتار ٿيو آهي. جڏهن ته هڪ رٿابنديءَ تحت احسن عليءَ کي اڳتي ڪيو ويو ۽ ڄاڻايو ويو ته احسن علي نشئي آهي ۽ ڪل ٿڙيل آهي پر بعد ۾ انويسٽيگشن آفيسر غلام مرتضى جو چوڻ آهي ته احسن علي جو ذهني توازن بلڪل درست آهي سندس اهڙو بيان پهرين انويسٽيگيشن آفيسر ميان عارف جي موقف جي ترديد ڪري ٿو.

قطب رند جي قتل جي تقريبا ڏهن ٻارنهن ڏينهن بعد اوچتو ئي اوچتو سوشل ميڊيا تي سندس ڪردار ڪشيءَ جو هڪ طوفان نظر اچي ٿو جنهن ۾ اهو ڄاڻايو وڃي ٿو ته سندس قتل مذهب توهين ڪرڻ جو نتيجو آهي، ٻين لفظن ۾ قطب رند دين اسلام جي توهين ڪئي هُئي جنهن ڪري جوابدارن سندس قتل ڪيو… قطب رند خلاف سوشل ميڊيا تي اهڙين پوسٽس ۽ سرگرمين بعد ئي سندس قتل جي خبر عالم آشڪار ٿي ۽ ميڊيا تائين پهتي سنڌي ميڊيا کي به سندس قتل جي خبر تڏهن ئي پئي.

قطب رند جنهن مسواڙ جي جاءِ ۾ رهندو هو کيس ان جاءِ ۾ رهندي چار سال ٿيا هيا، هو هر مهيني ڇهه هزار ڪرايو ڏيندو هو، سندس گهر ڌڻين کي اڳ ڪا شڪايت نه هُئي، قطب جنهن پاڙي ۾ رهندو هو ان پاڙي جي ڪنهن ماڻهوءَ کي کائنس ڪاشڪايت نه هُئي، قطب رند اين سي اي ۾ سالن تائين پڙهندو رهيو، اتي ڪنهن کي به کائنس ڪا شڪايت نه رهي ته پوءِ سوال ٿو پيدا ٿئي ته اهڙي سلڇڻي انسان جو قاتل ڪير ٿي سگهي ٿو ۽ ان قتل جو سبب ڪهڙو ٿي سگهي ٿو.

قطب رند جو قتل هڪ اهڙي ڳجهارت آهي جيڪا ان ٽئين قاتل جي گرفتاريءَ سان ئي ڀڄي پوندي جنهن جي اشاري ۽ سامهون کيس بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو.

قطب رند جي قتل جي حوالي سان ڪافي احتجاج ۽ مظاهرا سامهون آيا آهن، پر ان ڏس ۾ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جو ساڃاهه وند حلقو ۽ سول سوسائٽي تحرڪ وٺي ۽ ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت کي پڻ پنجاب حڪومت سان رابطي ۾ اچي قتل جا تفصيل وٺڻ ۽ ڪيس جي پيروي ڪرڻ گهرجي، سنڌ سرڪار کي پنهنجن ماڻهن جي مالڪي ڪرڻ جي ضرورت آهي. سنڌ کي پنهنجن ماڻهن جي مالڪي ڪرڻ جي ضرورت آهي

جمعو 10 آگسٽ 2018ع، 27 ذوالقعد 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ اسيمبلي اعتماد جو نالو آهي

سنڌ اسيمبليءَ جي چونڊ ٿي گذري ۽ چونڊيل ميمبرن، اسيمبليءَ جي ۽ پنهنجي ان منصب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے