23 آچر , سيپٽمبر 2018

شمشير الحيدري ادب, صحافت ۽ عوامي هلچل جو سالار

 علي محمد ميمڻ

ماٿريءَ جي عوامي هلچل جو فڪري سالار، صحافت، علم ۽  ادب جي سرواڻ شمشير الحيدري جي زندگي ۽ سندس علم ۽ عملي جدوجهد يقينن حيرت انگيز رهي آهي. هو انسان دوست ۽ فڪري جوهر ۾ وطن پرست بهادر ۽ سرويچ جرنيل وانگر هئ، اجنهن جي قلم، تلوار بنجي آمرن سان جنگ جوٽي، قوم۽ وطن جي جاڳرتا ۽ حفاظت لاء ڪيئي ادارا ۽ شخصيتون تيار ڪيون، جيڪي ماروئڙن جي واهر ، سهائتا ۾ مصروف عمل آهن. جنهن ۾ سنڌ گريجويٽس ايسوسيئشن، سنڌي ادبي سنگت، مختلف صحافتي ادارا، نئين زندگي، حياتي پي ٽي وي تي ڊراما، گانا ، غزل ۽ نغما ڏنا ۽ علمي ۽ ادبي مرڪزن کي پنهنجي ڏات جي لاٽ سان روشن ڪري بي مثال ورثو  ڏنو آهي، جيڪو صدين تائين معاشري کي روشني مهيا ڪندو رهندو.

جي وڇوڙي ۽ ڇهين ورسي جي موقعي تي اڄ  اسين  جنهن پاسي نظر ڊوڙايون ٿا هر پاسي شمشير جا روپ ۽ جرئت وارا ساٿي موجود آهن، ڄڻ ته شمشير جي خوشبوء ۽ ڏات، ماڻهن جو روپ ڌاري اچي حاضر ٿي آهي ۽ سنڌو ماٿريء جي محبوب هستين  جي لکڻين ، لفظن ۽ سرن ۽ آوازن جو ويس مٽائي انساني آزادي، ظلم ۽ ڏهڪاء  کي اسان سان هم ڪلام آهي.

 

شمشير الحيدري جي دوست ۽ سگا جي بانيڪار سٿ جي ساٿي  ڊاڪٽر سليمان شيخ پنهنجي لکڻين ۾ شمشير الحيدري  بابت  تاريخي واقعا ۽ ساٿ ۾ گهاريل  ساعتن  ۽ جاکوڙ جو اڪثر وڏي اڪير ۽ محبت سان ذڪر ڪيو آهي. سندس تحرير موجب “     “ هر لمحي پيدا ٿيندڙ نئون ٻار پاڻ سان هڪ نئون عزم، آسرو ۽ ويساهه کڻي ايندو آهي. هن ڀونءِ جي ڪک خالي رهڻي ناهي. پر ڪو ڪو ماڻهو موتيءَ داڻو، جيڪو ڪونه وڪاڻو، اهو املهه داڻو شمشيرالحيدري هو”.

هن عظيم انسان سان منهنجي سڃاڻپ 1963ع ۾ سنڌي ٻولي تحريڪ دوران ٿي. آئون شاگرد هوس، لياقت ميڊيڪل ڪاليج جي سنڌي شاگردن پاران سنڌي ٻولي ڏهاڙو ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. مون کي سنڌ جي نامور اديبن سان لاڳپو ڪرڻ جو فرض سونپيو ويو. شمشير سان ملاقات مون کي اعتماد ڏنو. اسان آڪٽوبر 1963ع ۾ بسنت هال حيدرآباد ۾ هڪ ڏهاڙي ملهائڻ جو بندوبست ڪيو.1970ع ۾ ڪراچيءَ ۾ پوسٽ گريجوئيٽ تعليم دوران شمشير سان گهڻو لاڳاپو رهيو. ان عرصي ۾ اسان گهڻو ڪري روزانو 3 وڳي ڌاري ڪيفي نيويارڪ ۾ ملندا هئاسين. سائين بخش ڪلهوڙو، مراد علي جوڻيجو، ڪڏهن محبوب شيخ ۽ ٻيا دوست جيڪي به ڪراچيءَ ۾ ون يونٽ ٽٽڻ کان پوءِ آيا ته انهن لاءِ ملڻ جي جاءِ ڪيفي نيويارڪ ٿي وئي ۽ شمشير اسان جو ميزبان بنجي ويو. انهن ئي گڏجاڻين وسيلي سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جو خاڪو جوڙيو ويو ۽ ان تي ٽن ماڻهن بنيادي طور اتفاق ڪيو، جن ۾ شمشيرالحيدري، سائين بخش ڪلهوڙو ۽ ڊاڪٽر سليمان شيخ شامل هئا. شمشير هن اداري جي بنيادي آئين لاءِ مشورا ڏنا. سگا جو مونوگرام شمشير جي تصور جو عڪس آهي.

سگا، 1978 ع کي ”شاهه جو سال“ ڪري ملهايو. ان سلسلي ۾ قومي ڪانفرنس دائود ڪاليج ڪراچيءَ جي آڊيٽوريم ۾ منعقد ڪئي وئي.  لطيفي قافلو ان سال جو هڪ ٻيو وڏو معرڪو هو. جنهن ۾ اٽڪل 150 ساٿي اديب، شاعر، فنڪار، عورتون مرد گڏجي ريل جي بوگي ڪري ڪراچيءَ کان روانا ٿياسين. مارشل لا جو ڏاڍ وارو دور هو ۽ ڪئين وسوسا اسان سان سلهاڙيل هئا. لاهور هاءِ ڪورٽ جي فتويٰ  ذوالفقار علي ڀٽي صاحب خلاف اچي چڪي هئي. اسان جيئي لطيف جي نعرن ۾ ملتان رسياسين، فدوي ورائي ويا، شمشير پختا جواب ڏنا ۽ سڄي قافلي جي ادبي سٽاءَ ۾ حصو ورتو. اسان ملتان، راولپنڊي، پشاور کان ٿيندا لاهور جو دورو ڪري واپس پهتاسين. ان تاريخي سفر ۾ محترمه سلطانه صديقي، زرينه بلوچ، استاد منظور علي خان، ڊاڪٽر نواز علي شوق ۽ ٻيا ڪافي دوست گڏ هئا. شمشير مارشل لا جي دور ۾ روزانه مهراڻ اخبار جو ايڊيٽر بڻيو ۽ هن اخبار کي سنڌ جي ماڻهن جي ڌڙڪن بنائي ڇڏيو. ضرورت آهي ته سندس اهي ايڊيٽوريل ڪتاب جي صورت ۾ ڇپجڻ گهرجن. شمشير سگا جي گهڻو ڪري سڀني ڪنوينشن جا ٺهراءَ ترتيب ڏيندو هو ائين چئجي ته هو سگا جي نيتيءَ جو ترجمان هو.

بيشڪ ! شمشير لاءِ حياتي حسن بانوءَ جو روپ ڌاري وارد ٿي هئي، جنهن سان هن کي اڻ ميو عشق هو. حياتيءَ جي تند ڪنهن بهاني سان ٽٽيو پوي ته ان کي اميري سان جوڙي نٿو سگهجي. ڪهڙا پيارا پيارا ماڻهو موت اسان کان کسي ويو. موت جي لڪ ڇپ راند هلي پئي ڪوبه ان کان بچي نٿو سگهي. شمشير جي چواڻي ”قدرت (نيچر) پنهنجو پاڻ خال ڀريندي ويندي آهي، هڪڙا ويا ٻيا ايندا سنڌ جو هڪ مڻيادار خوددار ۽ خود آگاهه، ارڏو ۽ آڙٻنگ، اديب شاعر، صحافي، ايڊيٽر ۽ سماج سيوڪ شمشير الحيدري پنهنجي حسن بانوءَ کي الوداع چئي هليو ويو، ويندي ويندي چئي ويو ،

 

“ اهي پي ٽي وي جا اُهي ڏينهن هئا جڏهن مان سلطانه صديقي جو پروگرام موتين مالها ڪندي هئس، جنهن ۾ سنڌ جي مختلف علمي،  ادبي ۽ فن جي ميدان جي شهسوار شخصيتن سان انٽرويو ڪيا ويندا هئا. ان پروگرام جو محقق ۽ اسڪرپٽ رائيٽر شمشيرالحيدري هوندو هو. سنهڙو، سيپڪڙو، جهڙو آڄ آهي تڏهن به اهڙوئي هو، اڪثر فل سوٽ ۾ نظر ايندو هو. اسڪرپٽ لکڻ ته هن جي کاٻي هٿ جي راند هئي، ويٺي ويٺي، کل کل ۾ اسڪرپٽ لکجي ويندو هو. جن شخصيتن متعلق مون کي گهڻي ڄاڻ نه هوندي هئي، مان شمشير سان ان متعلق نهايت  تفصيل سان گفتگو ڪندي هئس ته جيئن انٽرويو ڪرڻ وقت ان جي شخصيت کي اجاگر ڪرڻ ۾ ڪا ڪمي نه رهجي وڃي. مون کي ان ڳالهه جو اعتراف ڪرڻ ۾ ڪو عار ناهي ته سنڌ جي ناميارين شخصيتن متعلق شمشير جي معلومات، منهنجي علم ۽ سمجهه ۾ بي انتها اضافو ڪيو. پير حسام الدين راشدي، ڪريم بخش نظاماڻي ۽ ظفر ڪاظمي کان وٺي مائي ڀاڳي، عابده پروين، سليمان شاهه ۽ جلال چانڊيي تائين نه ڄاڻ ڪيترين شخصيتن جا انٽرويو ورتا هوندم، جن جا اسڪرپٽس شمشير الحيدري لکيا، بس انٽرويو نه ڪيم ته شمشير جو پنهنجو شايد ان ڪري ته ان جو اسڪرپٽ ڪير لکي ڏئي ها؟ يا وري جيئن چئبو آهي ته چراغ تلي انڌيرا….”

بيشڪ ! “ڪنهن به شخصيت تي لکڻ ۽ ڳالهائڻ سولو ڪم نه آهي. خاص ڪري ادبي شخصيت تي لکڻ ڏاڍو مشڪل آهي. اسان وٽ سنڌي اديب هونئن ئي ڏچن ۾ هوندو آهي. آس پاس جون نراسايون ڏيندڙ ماحول، اديب جي وجود ۾ بيچيني پيدا ڪندو آهي. ڪجهه اديب جهڙوڪر شمشير الحيدري فطرتن ارڏا هوندا آهن. پاڻمرادو بيٺل پاڻيءَ ۾ پٿر ڦٽي ڪري تحرڪ پيدا ڪندا آهن. انهن جي وجود جي بيچيني انهن جي لکڻين ۾ موجود هوندي آهي هروڀرو پنهنجو پاڻ کي پتنگن جيان اچي آڳ ۾ وجهندا آهن.

سنڌي ادبي سنگت جنهن سان شمشير الحيدري جو روح وارو ڳانڍاپو ۽ بنيادي واسطو هو ان جي تاريخ تي نظر وجهبي ته معلوم ٿيندو ته سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم مان پيدا ٿي، اڳتي وڌندڙ اديب نه صرف پنهنجي خاندان پر سنڌ جي عوام جي به گڏيل ملڪيت آهن. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ شيخ اياز پنهنجي شاعري ۽ نثر جي ذريعي احساس ڏياري ٿو. سائين جي ايم سيد پاڪستان جي نفي ڪري ڪيترائي ڪتاب لکي ٿو ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين نظربند رهي ٿو. هڪ قافلو آهي جنهن ۾ شمشيرالحيدري، رشيد ڀٽي، تنوير عباسي، طارق اشرف، آغا سليم، سراج ميمڻ ۽ حميد سنڌيءَ جي رسالي روح رهاڻ ۽ طارق اشرف جي سهڻي ۾ لکيل ايڊيٽوريل ۽ ٻيو مواد، اها ئي سٺ ۽ ستر واري ڏهاڪي جي ادبي ويڙهاند آهي، جنهن سنڌي عوام ۾ شعور پيدا ڪيو”  . #

سدا ظلم جي مات چوندا رهياسين، سرعام هر بات چوندا رهياسين،

اوهان ڪيترو ئي دٻايو، ڌتاريو ،  اسين رات کي رات چوندا رهياسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊيم جا متبادل

سنڌيڪار: انجنئير موهن ٺاڪر "پيٽرڪ مکولي، جيڪو برطانيا جي  بين الاقوامي درياهن جي هڪ نيٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے