18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نوجوان آرٽسٽ قطب رند جو قتل ۽ حقيقتون؟

عبدالحق چانڊيو

قطب رند جنهن جي قتل کي تقريبن اڌ مهيني کان مٿي ڏينهن گذريا آهن پر اڃا تائين مسئلي جو حل ناممڪن بڻيل آهي ڇاڪاڻ ته پوليس پاران قتل جي پٺيان ڪڏهن مذهبي رنگ ڏئي مسئلي جون حقيقتون لڪائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن ته ڪڏهن وري اهو ٻڌايو ٿو وڃي ته قاتل موالي ۽ نشائي آهن جنهن ڪري انهن جو ذهني توازن ٺيڪ نه آهي، مطلب ته پوليس پاران مسئلي جون حقيقتون ظاهر ڪرڻ بدلي ڪوڙيون ڳالهيون ڪيون ٿيون وڃن ائين به چئي سگهجي ٿو ته پوليس اندروني طور قاتلن جي پاسداري ڪري پئي ڇاڪاڻ ته قاتل ٽي هئا جن مان ٻه گرفتار ڪيا ويا پر ٽيون مک غائب آهي شايد ان کي لڪايو ويو آهي يا ان کي ظاهر نه ڪيو ويندو ۽ ٻن قاتلن کي گرفتار ڪرڻ بعد سزا به نه ملي سگهي آهي.

ڏٺو وڃي ته شهيد ٿيل نوجوان قطب رند جي قتل خلاف پوليس جو رد عمل ايتري قدر سامهون نه ٿو اچي جيترو چئي سگهجي ۽ پوليس پاران مسئلي جون اصل حقيقتون لڪايون پيون وڃن، هاڻي مسئلي جي شروعات کان آخر تائين نهاري ڏسجي ته نوجوان کي ڪنهن، ڪئين ۽ ڇا لاءِ قتل ڪيو آهي؟ پر ان کان اول نوجوان شاگرد قطب رند جي زندگي بابت ڄاڻ معلوم ڪجي ته جيئن سڌ ٿي سگهي ته قاتلن نوجوان شاگرد کي ڪهڙي ڏوھ سبب قتل ڪيو؟

قطب رند جيڪو سنڌ صوبي جي مشهور ضلعي جيڪب آباد سان تعلق رکندو هئو جيڪو شادي شده ۽ ٻن اولادن جو پيءُ هو ۽ واقعي واري ڏينهن هن جي وني به جيڪب آباد ويل هئي ۽ قطب رند پنهنجي والد جو اڪيلو پُٽ هو ۽ هو مذهبي شخص هو، سادي طبيعت جو مالڪ هو، تازو ئي هو لاهور جي نيشنل ڪاليج آف آرٽس لاهور مان فائين آرٽ ۾ گريجوئيشن ڪندڙ هو ۽ بي مثال آرٽ هوندو هو، ڪاليج ۾ 2015 جي بينچ ۾ پوزيشن هولڊر رهيو آهي ۽ هو راجگهڙ لاهور ۾ مسواڙ جي اپارٽمينٽ ۾ رهندو هو ۽ ساجد نالي شخص سان هن جي دوستي هئي ۽ هو ملاقات به ڪندا رهندا هئا، واقعي واري ڏينهن سندس چاچو گل بيگ به فليٽ ۾ ساڻ هو هن جي چوڻ موجب 17 جولائي رات جو ڏهين وڳي، ٽي ڄڻا وقار،

احسن ۽ هڪ ٽيون شخص هن کي سڏ ڪري ٻاهر فليٽ جو دروازو بند ڪري ڇڏيو جڏهن ته هن جو چاچو اڻواقف هو بعد ۾ دير سان اوچتو ٻاهران رڙين جا آواز اچڻ لڳا جنهن بعد هن جي چاچي دروازي کولڻ جا جتن ڪيا پر دروازو نه کلي سگهيو، مجبورن دروازو ڀڄي ٻاهر آيو پر دروازو کلڻ کان اڳ ئي جوابدارن قطب رند کي فليٽ تان اڇاري قتل ڪري ڇڏيو.

ذريعن موجب احسن، وقاص ۽ ٽئين شخص مٿان ايف آئي آر داخل ڪئي وئي جن مان ٻن ڄڻن احسن ۽ وقاص کي گرفتار ڪيو ويو آهي پر انهن کي اڃا تائين ڪا به سزا لاڳو نه ٿي سگهي آهي ۽ واقعي جو مک جوابدار اهو آهي جيڪو ٽئون شخص هو ۽ هو جلد ئي غائب ٿي ويو آهي جنهن سبب لاهور جي پوليس هن کي گرفتار ڪرڻ کان ناڪام بڻيل آهي ۽ واقعي پيش اچڻ وقت پوليس پاران قطب رند مٿان مذهبي الزام هڻي ماحول ٺارڻ جون ناڪام ڪوششون ڪيون ويون ۽ ڪجھ حقيقتون ظاهر ٿيڻ سبب پوليس پاران ان کي غلط قرار ڏيڻ لاءِ پوليس پنهنجو موقف تبديل ڪندي ٻنهي جوابدارن مان هڪ موالي ۽ ٻيو چريو هجڻ جي ڪوڙي دعوي ڪري رهيو آهي ۽ پوليس پاران ٽئين جوابدار بابت ڪا به راءِ سامهون نه اچي سگهي آهي جڏهن ته واقعي بعد جڏهن پوليس کي اطلاع ڏنو ويو ته ان وقت پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو پر ان وقت پوليس سميت ٻين عام ماڻهن به قطب رند جي قتل جو سبب توهين مذهب نه ٻڌايو ويو پر پوليس پاران اها من گهڙت دعوي دير سان اڀري. وارثن جو چوڻ آهي ته مک جوابدار روپوش آهي جنهن قطب رند کي قتل ڪيو آهي پر اهو ئي پوليس جي اکين مان ٽريل آهي، جڏهن ته قطب رند جي قاتلن مان هڪ قاتل احسن چيو ته ”مون کي سو يا سو ويھه رپين جي ضرورت هئي جنهن تان جهيڙو ٿيو ۽ جهيڙي دوران برسات به شروع ٿي وئي ۽ بعد ۾ وڙهندي بلڊنگ مان هن جو پير ترڪي پيو جنهن ڪري هو موت جو منهن چڙهيو ۽ هن کان پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته هن قطب رند کي توهين مذهب خاطر قتل ناهي ڪيو”.

نوجوان آرٽسٽ قطب رند جو قتل مذهبي بنياد تي نه ٿيو آهي، مسئلي کي ٽارڻ لاءِ بي جا ڳالهيون پيون ٿين، نوجوان کي بيگناھ قتل ڪيو ويو آهي، سنڌ واسين کي به گهرجي ته احتجاج ڪري قطب رند جي قاتلن کي گرفتار ڪرائي انهن کي سزا ڏياري وڃي ۽ چيف جسٽس ثاقب نثار کي به مسئلي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

قرآن جي سائنس پاڻي کي اسٽور ڪرڻ کان روڪي ٿي

عزيزالله  ٻوهيو هن ڳالهه جو ثبوت قرآن منجهان ملي ٿو ته پاڻيءَ کي ڊيم ٺاهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے