17 جمعو , آگسٽ 2018

امير ٿر جا مارو مسڪين، جيءُ جهوريندڙ صورتحال، ٻچن لاءِ کير نه وٺي سگهندڙ پورهيت گهر ڇڏي ويو

ننگرپارڪر (رپورٽ : فيض کوسو) ٿر ۾ ڏڪار ۽ غربت ۾ انساني الميو جنم وٺڻ لڳو. ٽن ٻارن لاءِ کير جا دٻا نه وٺي سگهڻ سبب والد گهر ڇڏي ويو. خوراڪ نه ملڻ سبب ٻار اسپتال داخل ڪيا ويا آهن. پورهيت پيرو  مهراج جي گهر واري صحافين آڏو دانهيدي ٻڌايو ته تقريبا 5 مهينا اڳ مونکي  3 ٻارڙا ڄاوا هئا جنهن ۾ هڪ ڇوڪري ۽ به ڇوڪرا شامل آهن . جڏهن ته اهي جسماني طور ڪمزور آهن منهنجي ٿڃ ۾  کير نه آهي جڏهن ته شهر ۾ کير جا پڪيٽ خريد ڪرڻ جي مون ۾ سگهه نه آهي . ٻارڙن جي بک ۾ رڙين سبب آئون  راتيون جاڳي گذارڻ تي مجبور آهيان  . جڏهن ته ليڪٽوجن کير جو پيڪيٽ شهر ۾ 250 روپين ۾ ملي ٿو جيڪو 24 ڪلاڪن ۾ 2 پڙا ٻارڙن کي ضرورت هوندي آهي ۽ انهي لاء انهن ٻارڙن جون ڏينهن رات بک ۾ دانهون ۽ ڪوڪون ٻڌي منهنجو مڙس دلبرداشتہ ٿي ٻارڙن کي اڪيلو بک ۾ بيحال ڇڏي ڀڄي ويو آهي آئون مجبور آهيان  . ٻارڙا بک ۾ بيحال ٿي اسپتال ۾ داخل آهن . جڏهن تہ ڊاڪٽر چون ٿا مينهن ۽ ڍڳيون يا ٻڪري جو کير نه ٻارڙن کي نه پياريو . جڏهن ته منهنجي مڙس جي  مزدوري روزانو 250 روپا ملندي هئي  جڏهن ته  1000 روپيه  منهنجي ٻارڙن سميت گهر جو روزانو جو خرچ ٿئي ٿو  جنهن جي ڪري مڙس تنگ ٿي ويو آهي . هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته  منهنجي مدد ڪئي وڃي ۽ 3 معصوم ٻارڙن کي کير جا پيڪيٽ ڏيارڻ لاءِ مالي مدد ڪئي وڃي  0329

هي به ڏسي سگهو ٿا

Nawabshah: The beauty of Mohammad Ismaili entered the Bad, PMO hospital

مخالف ڌر نوان طريقا اختيار ڪندي ته اسان به تيار آهيون: مراد شاهه

ڪراچي:  سنڌ اسيمبلي ۾ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ بعد ايوان ۾ ڳالهائيندي نامزد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے