17 جمعو , آگسٽ 2018

چونڊ نتيجن ۾ دير ڇو ٿي، ڇا آرٽي ايس ڪريش ٿي ويو هو:سپريم ڪورٽ

Karachi: Supreme court ordered for re-election on NA 60 constituentاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ بابت نادرا ۽ اليڪشن ڪميشن کان هڪ هفتي ۾ تجويزون طلب ڪيون آهن. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ بئنچ پرڏيهه پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته پرڏيهه پاڪستانين کي ووٽ ڏيڻ جو حق برسات جي پهرين ڦڙي وانگر هوندو. عدالت پڇاڻو ڪيو ته ننڍي چونڊ ۾ اوور سيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيارڻ جو طريقيڪار ڇا هوندو، اليڪشن ڪميشن هڪ هفتي ۾ تجويزون جمع ڪرائي. جسٽس اعجاز الحسن چيو ته اي سسٽم لڳائڻ ۾ ڪيترو وقت لڳندو، نادرا چيئرمين چيو ته نادرا طرفان سسٽم مڪمل طور تيار آهي. چيف جسٽس چيو ته عام چونڊن ۾ نتيجن جي دير جا سبب ته هوندا؟ جسٽس اعجاز الحسن چيو ته  ڇا آر ٽي ايس سسٽم ڪريش ڪري ويو هو. اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري چيو ته آر ٽي ايس سسٽم ڪريش نه ٿيو هو، سست ٿي ويو هو. چيف جسٽس چيو ته نادرا جي سافٽ ويئر ۾ اسان کي ڪا غلطي نه لڳي آهي، رازداري جو سوال 16 لک پوسٽل بيلٽ مان اٿي ٿو، رڳو سوال ووٽ جي رازداري آهي، ٻين ووٽن کان الڳ رکي بعد ۾ پوسٽل بيلٽ وانگر ڳڻپ ٿي سگهي ٿي. اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري بابر يعقوب چيو ته عدالتي حڪم جا پابند آهيون، آڪٽوبر جي وچ ۾ ننڍي چونڊ ٿيڻي آهي. چيف جسٽس چيو ته ووٽن کي الڳ رکڻ جو مقصد خرابي کان روڪڻ آهي، سسٽم هيڪ ٿي ته اوورسيز پاڪستانين جا ووٽ ڪڍي به سگهجن، جسٽس اعجاز الحسن چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ووٽن بابت هاڻي کان ئي ڪم شروع ڪيو.  جسٽس اعجاز الحسن چيو ته ڪيترائي ليڊر هڪ کان وڌيڪ سيٽن تي ڪامياب ٿيا، سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن چيو ته اسان جي تجويز هئي ته ڪو ليڊر 2 کان وڌيڪ تڪن تي چونڊ نه وڙهي، پارليامينٽ اسان جي تجويز کي رد ڪيو. چيف جسٽس چيو ته پارليامينٽ سپريم آهي ان کي ڇا ٿو چئي سگهجي، قوم جا ڪروڙين رپيه اسپتالن ۽ ڊيم فنڊ کي ملڻ گهرجن. چيف جسٽس چيو ته  نادرا ۽ اليڪشن ڪميشن هڪ هفتي ۾ تفصيل ڏين ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ بابت ٻڌڻي 15 آگسٽ تائين ملتوي ڪئي وئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Nawabshah: The beauty of Mohammad Ismaili entered the Bad, PMO hospital

مخالف ڌر نوان طريقا اختيار ڪندي ته اسان به تيار آهيون: مراد شاهه

ڪراچي:  سنڌ اسيمبلي ۾ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ بعد ايوان ۾ ڳالهائيندي نامزد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے