17 جمعو , آگسٽ 2018

سنڌ جي 900 اربن جي ترقياتي بجيٽ ۾ گهوٻيون، نيب جاچ شروع، رڪارڊ طلب

ڪراچي( رپورٽ: محمد علي نقرچ) سنڌ ۾ ترقياتي ڪمن ۾ اربين رپين جي گهوٻين جي نيب جاچ شروع ڪري ڇڏي، چيف سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل کاتن کان رڪارڊ طلب، هٿ ڪيل ڪاغذن ۽ ذريعن وٽان مليل معلومات موجب سنڌ ۾ ايم پيايز، ايم اين ايز جي ترقياتي فنڊن، توڙي ٻين وفاقي توڙي صوبائي اسڪيمن ۾  گذريل 10 سالن دوران   9 کرب رپين کان وڌيڪ جي بجيٽ خرچ ڪئي وئي، جنهن ۾ ڪيتريون ئي ترقياتي اسڪيمون صرف ڪاغذن ۾ ڏيکاري رقم ڪڍرائي ڪرپشن ڪئي وئي، جنهن جون شڪايتون عوام طرفان نيب ۽ ٻين ادارن کي ڪيون ويون، نيب 16 جولاءِ 2018 تي  سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي نيب ايڪٽ جي سيڪشن 33-بي جو حوالو ڏيندي خط لکي چيو  آهي ته هو صوبائي حڪومت جي سمورن  کاتن جي لاڳاپيل آفيسرن کي پابند بڻائي  ته  سنڌ ۾ 5 ڪروڙ رپين  يا ان کان وڌيڪ رقم جي ٺيڪن جو سمورو رڪارڊ فراھم  ڪن. خط ۾ ڄا ڻايو ويو آھي ته وفاقي توڙي صوبائي کاتا ان ڳالھه جا پابند آھن ته  ھو ضرورت پوڻ تي نيب کي رڪارڊ ڏيڻ جا پابند آھن. لاڳاپيل ٺيڪيدارن جو مڪمل تفصيل ۽ جاري ڪيل ورڪ آرڊرن جون ڪاپيون.  سرڪار پاران جاري ڪيل ايڊمنسٽريٽو ايپروول جون ڪاپيون به گهريون ويون آهن. واضح ھجي ته  سنڌ جي ترقياتي ڪمن لاءِ ھر سال 300 ارب رپيا رکيا ويندا آھن، ذريعن موجب  گذيل 10 سالن ۾ سنڌ جي اي ڊي پي جي رقم  مان  اسڪيمون اهڙيون به ڏنيون ويون، جن جو وجود ئي نه آهي، اهي صرف ڪاغذن ۾ ڏئي رقم ڪڍرائي وئي، ڪارروائي بعد ٺيڪيدارن ۾ ٻڙڌڪ مچي ويو آھي ۽ پاڻ بچائڻ لاءِ ڊڪ ڊوڙ ۾ لڳي ويا آھن..

هي به ڏسي سگهو ٿا

Nawabshah: The beauty of Mohammad Ismaili entered the Bad, PMO hospital

مخالف ڌر نوان طريقا اختيار ڪندي ته اسان به تيار آهيون: مراد شاهه

ڪراچي:  سنڌ اسيمبلي ۾ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ بعد ايوان ۾ ڳالهائيندي نامزد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے