17 جمعو , آگسٽ 2018

قومي اسيمبلي جو سومر تي اجلاس، پي ٽي آءِ کي واضح اڪثريت، جي ڊي اي به حمايت ڪري ڇڏي

Imran Khan will be nominated as prime minister for the call of PTIاسلام آباد/ ڪراچي (م ڊ/ رپورٽر) عام چونڊن کانپوءِ تحريڪ انصاف قومي اسيمبلي ۾ پهريون ڀيرو حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ اچي وئي آهي. ايم ڪيو ايم، ق ليگ، بي اي پي، بي اين پي ۽ آزاد ميمبرن جي حمايت کانپوءِ جي ڊي اي،  پي ٽي آءِ جي حمايت ڪري ڇڏي. فواد چوڌري قومي اسيمبلي ۾ 180 کان وڌيڪ ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ 186 ميمبرن جي حمايت حاصل هجڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. تحريڪ انصاف وزيراعظم جي حلف لاءِ صدر کان پرڏيهي دورو ملتوي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. مليل اطلاعن موجب تحريڪ انصاف عمران خان کي وزيراعظم بڻائڻ ۾ اهم ڪاميابي حاصل ڪندي. سمورا انگ مڪمل ڪري ورتا آهن. مسلم ليگ ن، پ پ، ايم ايم اي ۽ اي اين پي کان سواءِ باقي سمورين پارٽين سندن حمايت ڪئي آهي. ڪالهه پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ شاھ محمود قريشي ۽ جهانگير ترين جي اڳواڻي ۾ وفد ڪنگري هائوس پهچي جي ڊي اي سربراھ ۽ حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري سان ملاقات ڪئي. ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي پير پاڳاري چيو ته پي ٽي آءِ وفد کي هتي اچڻ جي ضرورت نه هئي ڇاڪاڻ ته اسان اڳ ئي پي ٽي آءِ جي غير مشروط حمايت ڪري چڪا آهيون. جي ڊي اي جا نمائندا پي ٽي آءِ کي ووٽ ڪندا، جڏهن ته  هُو هر معاملي ۾ پي ٽي آءِ سان گڏ آهن،ان موقعي تي  شاهه محمود  قريشي چيو ته ڪنگري هائوس تي جي ڊي اي جو سهڪار وٺڻ لاءِ آيا آهيون ۽ سهڪار  ڪرڻ تي پير صاحب جا شڪرگذار آهيون.هن چيو ته  ڪراچي جي ماڻهن جو تمام گهڻو شڪر ادا ڪري رهيا آهن، جن 14 قومي اسيمبلي جون سيٽون ڏئي حوصلا بلند ڪيا هن چيو ته سنڌ ۾ ڀرپور مخالف ڌُر آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ پنجاب، ڪي پي ڪي توڙِي بلوچستان ۾ گڏيل حڪومتون ٺاهڻ تي به غور ڪيو آهي. هن چيو ته جلد سنڌ ۾ گڏيل اپوزيشن لاءِ  اجلاس گهرايو ويندو جنهن ۾ ايم ڪيو ايم کي به گھرايو ويندو. هن چيو ته  حيرت  ٿي آهي  پ پ  ۽ ٻيون تنظيمون اليڪشن ڪميشن ٻاهران احتجاج ڪري رهيون آهن ، پر پ پ  کي ايتريون سيٽون مليون آهن ان کي شهيد راڻي جي شهادت وقت به نه مليون. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جا 10 ضلعا ، تيل گئس پيدا ڪندڙ آهن ، جن کي 100 ارب ملن ٿا  اها رائلٽي ڪٿي خرچ ٿئي ٿي، ڪو به پتو ناهي. ملاقات دوران علي گوهر مهر، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، حسنين مرزا، ڊاڪٽر فهميده مرزا، عمران اسماعيل، ڊاڪٽر عارف علوي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. پاڪستان تحريڪ انصاف جي ترجمان فواد چوڌري چيو آهي ته جي ڊي اي جي شموليت سان قومي اسيمبلي ۾ اسان جو تعداد 180 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته پنجاب ۾ اسان جي ميمبرن جو تعداد 186 آهي. هن چيو ته جيڪڏهن 170 ميمبر عمران خان کي چونڊين ٿا ته ٻئي رائونڊ جي ضرورت نه آهي، عمران خان پهرئين رائوند ۾ ئي وزيراعظم چونڊجي ويندو، هن چيو ته عمران خان وزيراعظم هائوس ۾ رهندو يا ڪنهن ٻي هنڌ ان تي مشاورت جاري آهي، 13 آگسٽ تي قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرايو ويندو جڏهن ته عمران خان 16 يا 17 آگسٽ تي حلف کڻندو. هن چيو ته عالمي اڳواڻن جا مبارڪباد جا پيغام عمران خان کي اچي رهيا آهن، ڪيترن ئي ملڪن جي سفيرن عمران خان سان ملاقات ڪئي آهي، عالمي اڳواڻن عمران خان سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نظر اچن ٿا، ترجمان چيو ته سنڌ مان تحريڪ انصاف جو مينڊيٽ تمام اهم آهي، تحريڪ انصاف ڪراچي ۽ سنڌ جي خال کي ڀريندي. هن چيو ته عمران خان وڏي وزير ۽ اسپيڪر جا نالا فائنل ڪري ورتا آهن، اليڪشن ڪميشن جي رولز موجب 21 ڏينهن جي اندر حلف کڻڻو هوندو آهي جيڪو ممڪن نظر نه اچي رهيو آهي، جيو نيوز سان ڳالهائيندي هن چيو ته شهباز شريف جي موقف موجب پارلياماني ڪميٽي جوڙڻ لاءِ تيار آهيون. پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ نعيم الحق چيو آهي ته تحريڪ انصاف مرڪز، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ حڪومت سازي لاءِ تيار آهي، جلد وزيراعليٰ پنجاب جو نالو سامهون آڻينداسين، جنهن تڪ ۾ ڪنهن سان زيادتي ٿي آهي احتجاج ڪرڻ ۽ قانوني رستو اختيار ڪرڻ انهن جو حق آهي، هن چيو ته جن ميمبرن جا نوٽيفڪيشن مختلف سببن جي بنياد تي ناهن ٿيا اليڪشن ڪميشن جلد کان جلد ان مرحلي کي طئي ڪري ته جيئن حڪومت سازي جو ڪم مڪمل ٿي سگهي، صدر کي به اپيل ڪريون ٿا ته هو 16 آگسٽ تي پنهنجي پرڏيهي دوري کي هڪ ڏينهن جي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي ته جيئن عمران خان پنهنجي عهدي جو حلف کڻي سگهي، هي ان لاءِ به ضروري آهي ته 14 آگسٽ تي موڪل آهي ۽ معاملا ڊيگهه وٺندا پيا وڃن، هن چيو ته تحريڪ انصاف مرڪز، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ تيار آهي، هن چيو ته پنجاب جي وڏي وزير ۽ مرڪزي ڪابينا جي ڪجهه ميمبرن جا نالا به ان دوران سامهون اچي ويندا، هن چيو ته تڪ کولڻ يا جاچ ڪرڻ اسان جو نه پر اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي، پر اسان سمجهون ٿا ته جتي به، جنهن تڪ ۾ به ڪنهن سان زيادتي ٿي آهي، احتجاج ڪرڻ ۽ قانوني رستو اختيار ڪرڻ انهن جو حق آهي، ان لاءِ اسان 126 ڏينهن احتجاج ڪيو هو، هن چيو ته هي ڳالهه خوش آئنده آهي ته اپوزيشن به قومي اسيمبلي جي پهرين اجلاس ۾ حلف کڻڻ جي لاءِ تيار آهي، ان جو مطلب آهي ته مجموعي طور تي اپوزيشن چونڊ نتيجن کي تسليم ڪري ورتو آهي. ٻئي طرف صدر ممنون حسين نئين قومي اسيمبلي جو پهريون اجلاس 13 آگسٽ تي طلب ڪري ورتو آهي. جنهن ۾ اسيمبلي ميمبر حلف کڻندا. جنهن بعد اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ڪئي ويندي. ان بعد وزيراعظم چونڊيو ويندو. صدر وزيراعظم جي اماڻيل سمري منظور ڪئي. 1129

هي به ڏسي سگهو ٿا

Nawabshah: The beauty of Mohammad Ismaili entered the Bad, PMO hospital

مخالف ڌر نوان طريقا اختيار ڪندي ته اسان به تيار آهيون: مراد شاهه

ڪراچي:  سنڌ اسيمبلي ۾ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ بعد ايوان ۾ ڳالهائيندي نامزد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے