24 سومر , سيپٽمبر 2018

پاڪستان جي مدر ٽريسا ڊاڪٽر رٿ فائو جي اڄ پهرين ورسي ملهائي پئي وڃي

Today, the seminary of madrassa madrassa of Pakistan was planned tomorrowڪراچي(رپورٽ ايس ايس) پاڪستان ۾ ڪوڙهه جي بيماري جو خاتمو ڪندڙ رٿ فائو جي اڄ پهرين ورسي عقيدت ۽ احترام سام ملهائي پئي وڃي. ڊاڪٽر رٿ فائو 9 سپٽمبر 1929 تي جرمني پيدا ٿي ۽ پنهنجي زندگي  جا 57 ورهيه پاڪستان ۾ انسانيت جي خدمت ڪندي گذاريا .  هن عظيم عورت پنهنجين اکين سان عالمي جنگ ۽ ان ۾ انساني زندگي تباهي جا  منظر ڏٺا ۽ آسمان مان ڪرندڙ گولن ۾ پنهنجي اڪيلي ڀاءُ کي مرندي ڏٺو .جرمني ۾ جنگ جو تباهيون ڏسندي ڊاڪٽر رٿ فائو شادي نه ڪئي ۽ جنگ ۾ متاثرٿيندڙ ماڻهن جي مدد ڪرڻ لڳي. جنهن بعد” ڊاٽرز آف هارٽ آف ميري“ تنظيم کيس اسائمنٽ تي ڀارت موڪلڻ جو فيصلو ڪيو جتي کيس مدر ٽريسا سان ملاقات ڪرڻي هئي پر ويزا نه ملڻ سبب کيس مشورو ڏنو ويو ته توهان پاڪستان وڃو ۽ پوءِ اتان کان ڀارت ڏانهن نڪري وڃو. ان زماني ۾ جرمني جي سماجي تنظيم” ڊاٽرز آف هارٽ آف ميري“ ڪراچي ۾ ميڪلوڊ روڊ(آءِ آءِ چندريگر روڊ) تي سٽي اسٽيشن ويجهو 1955 ۾ ننڊڙي ڊسپنسري ۾ ڪم ڪندي رهي. ڊاڪٽر رٿ فائو هڪ ڀيرو ڊسپنسري جو دورو ڪرايو ويو هي اتان جو منظر ڏسي نه سگهي ڇاڪاڻ تي ڊسپنسري ۾ ڪوڙهه جي مريضن جو علاج رڳو پٽيون ڪري ڪيو ويندو هو.ڊاڪٽر رٿ جرمني پنهنجي تنظيم کي لکيو ته ڀارت جي جاءِ تي اصل ڪم پاڪستان آهي هو اتي کي خدمتون انجام ڏيڻ چاهي ٿي ۽ ائين هو سدائين لاءِ پاڪستان ٿي وئي.1960 جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان ۾ ڪوڙهه جا هزارين مريضن هئا،  ان وقت پاڪستان ۾ ڪوڙهه جي مريضن کي اڇوت سمجهو ويندو هو جڏهن ته ڊاڪٽر رٿ فائو مسيحائي جو فرض ادا ڪيو ۽ ان جي خاتمي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي. هن 1963 ۾ ڪراچي ريلوي اسٽيشن پٺيان ميڪلوڊ روڊ تي ڪوڙهه جي مرض ۾ مبتلا رهندڙ جي رهائشي علائقي ۾ فري ڪلينڪ. ”ميري ايڊيليڊ ليپرسي سينٽر“  جي نالي سان قائم ٿيندڙ اهو شفاخانو ڪوڙهه جي مريضن جي علاج سان گڏوگڏ انهن جي وارثن جي مدد پڻ ڪندي رهيو. بعد ۾ ڪراچي کان ٻين علائقن قائم ڪيا ويا. پاڪستان ۾ ڪوڙهه جي بيماري تي ظابطو آڻڻ لاءِ هن جرمني مان کوڙ چندو جمع ڪيو ۽ ڪراچي کانسواءِ راولپنڊي ۾ پڻ ڪيترين ئي اسپتالن ۾ ليپرسي ٽريٽمنٽ سينٽر پڻ قائم ڪيا. ملڪ ۾ ڪوڙهه جي مرض جي خاتمي ۽ خيراتي ڪمن ۾ وڏي چڙهي حصو وٺڻ تي 1969 ۾ کيس پاڪستان جي سڀ کان وڏي سول اعزاز ستارا قائد اعظم سان نوازيو ويو جڏهن برطانوي ميڊيا ايوارڊ باهب جو اعزاز پڻ ڏنو ويو. ڊاڪٽر رٿ فائو جي ڪوششن سان 1996 ۾ صحت جي عالمي اداري اعلان ڪيو ته پاڪستان مان ڪوڙهه جو بيماري جو خاتمو ٿي چڪو آهي. سندس خدمتن جي اعتراف ۾ کيس پاڪستاني شهريت جاري ڪئي وئي، پر ڊاڪٽر رٿ فائو شهريت وٺڻ کان انڪار ڪيو ڇاڪاڻ ته هو جرمن سڃاڻپ برقرار رکڻ چاهي پئي پر هن چيو هو ته  جڏهن سندس ساهه جو سڳو ٽٽي پئي ته کيس پاڪستان ۾ دفن ڪيو وڃي. سڄي ملڪ ۾ ڊاڪٽر رٿ فائو جا 157 سينٽر ڪم ڪري رهيا آهن. جتي نه رڳو ڪوڙهه جي مريضن پر اکين جي مختلف بيمارين جي ڪنٽرول ۽ مختلف بيمارين ۾ وڪوڙيل مريضن جو پڻ علاج ڪيو ويندو آهي. ڊاڪٽر رٿ فائو ڊگهي علالت سبب 10 آگسٽ تي لاڏاڻو ڪيو، پر سندس خدمتن جو ئي نتيجو آهي جو اڄ پاڪستان انهن ملڪن جي فهرست ۾ شام: آهي جتي ڪوڙهه جو تقريبن خاتمو ٿي چڪو آهي ۽ ڊاڪٽرن رٿ فائو جي خدمتن سبب پاڪستان کي ايشيا ۾ سڀ کان پهريان ان بيماري تي قابو حاصل ڪرڻ جو اعزاز حاصل ٿيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنگ مڙهي وئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته مودي ۽ ڀارتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے