21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نيوز: سامارو: پوليس ڇاپو هڻي مبينا باندي بڻايل ناري کي آزاد ڪرائي ورتو

Samaro: Police opened a police station on a police station*ساماري ڀرسان پوليس ڇاپو هڻي مبينا باندي بڻايل ناري کي آزاد ڪرائي ورتو.

ڊسٽرڪٽ سيشن ڪورٽ عمرڪورٽ ۾ جمن سولنگي جي داخل ڪرايل درخواست تي عدالتي حڪم تحت پوليس ڳوٺ چوڌري عنايت ۾ ڇاپو هڻي مبينا قيد ڪيل 20 ورهين جي ناري گل ناز سولنگي کي آزاد ڪرايو.

آزاد ڪرايل ناري ٿاڻي تي چيو ته سندس پيءُ جو سئوٽ جمن سولنگي عدالت ۾ درخواستون ڏئي سندس امڙ ۽ کيس تنگ ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته 2 سال اڳ سندس شادي سجاول سان ٿي، جنهن سان هو خوش آهي، کيس ڪنهن به قيد ناهي رکيو.

هوڏانهن پوليس موجب  درخواستگذار جمن سولنگي درخواست ۾ ڄاڻايو آھي ته سندس سئوٽ جي ڌيءُ گل ناز کي سندس مڙس بي گناه قيد ڪري رکيو آھي ۽ مائٽن سان به ملڻ نٿو ڏي، ناري کي آزاد ڪرايو وڃي.

پوليس جو چوڻ هو ته آزاد ڪرايل ناري گل ناز کي سڀاڻي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

FlagMarch, Jamshoro

نيوز | ڄامشورو: محرام الحرام ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ فليگ مارچ

ڄامشوري ۾ محرام الحرام ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ فليگ مارچ ڪيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے