17 جمعو , آگسٽ 2018

انساني حقن جي بچاءَ کان پوئتي نه هٽنداسين: ڪينيڊين وزيراعظم

اوٽاوا (ويب ڊيسڪ) ڪينيڊين وزيراعظم جسٽن ٽروڊو چيو آهي ته اسان جي ملڪ سدائين انساني حقن جي حق ۾ ڀرپور آواز اٿاريو آهي، ڪينيڊين حڪموت سرڪاري ۽ خانگي سطح تي گڏجاڻين ۾ پنهنجو موقف تي قائم آهي. جسٽن ٽروڊو واضح ڪيو ته اسان سعودي عرب سان ڪمزور لاڳاپا رکڻ جا خواهشمند ناهيون ۽ اها به هڪ حقيقت آهي ته انساني حقن جي حوالي سان رياض حڪومت هاڪاري اڳڀرائي ڪئي آهي. سندس چوڻ هو ته ڪينيڊين پرڏيهي وزير ڪرسٽيا فري لينڊ اڱاري ڏينهن پنهنجي سعودي هم منصب عادل الجبير سان ٻه طرفن لاڳاپن تي تفصيلي طور ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. هن چيو ته ڪينيڊا انساني حقن جي بچاءَ کان پوئتي نه هٽندو. واضح رهي ته ڪينيڊا جي پرڏيهي وزير طرفان سعودي عرب ۾ گرفتار ڪيل انساني حقن جي ڪارڪنن جي آزادي جي مطالبي کانپوءِ ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ جاري آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارتي رياست ڪيرالا ۾ ٻوڏ سبب 100 کان وڌيڪ ماڻهن جي فوت ٿيڻ تصديق

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست ڪيرالا ۾ چوماسيءَ جي مينهن 106 ڄڻن جي فوت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے