24 سومر , سيپٽمبر 2018

نيوز: ٽنڊو الهيار: گم ٿيل نوجوان جي وارثن پاران احتجاج، ڳولا لاءِ سهڪار جي اپيل

Tando Allahyar: families of missing young by the protests, appeals for assistance*ٽنڊي الهيار ۾ گم ٿيل نوجوان جي وارثن احتجاج ڪري ڳولا لاءِ سهڪار جي اپيل ڪئي آهي.

پريس ڪلب آڏو اڪرم ڪالوني واسي گم ٿيل نوجوان نومان عباسي جي ماءُ صابران، علي شير ۽ آصف سميت ٻين نوجوان جي ڳولا ۾ سهڪار نه ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو.

گم ٿيل نوجوان جي وارثن چيو ته نومان ڪمائڻ لاءِ ڪراچي ويو هو، جتي هو گم ٿي ويو، 15 ڏينهن گذرڻ بعد به سندس ڏس پتو ناهي مليو.

هنن چيو ته نوجوان جي گمشدگي بابت اين سي رپورٽ پڻ داخل ڪرائي وئي آهي، پر پوليس سندن مدد نه ڪري رهي آهي، جنهن سبب هو سخت پريشان آهن.

نوجوان جي وارثن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوجوان جي ڳولا ۾ سندن سهڪار ڪن……

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | حيدرآباد: چيني واپاري پاران شهر ۾ سڌي ريت واپار ڪرڻ جو اعلان

حيدرآباد ۾ چيمبر آف ڪامرس جي صدر محمد شاهد ۽ چائنا جي صنعتڪار جانگ يانگ  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے