19 اربع , سيپٽمبر 2018

ڇڪتاڻ باوجود ڪينيڊا کي تيل جي فراهمي جاري رهندي: سعودي عرب

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب چيو آهي ته سفارتي تڪرار باوجود ڪينيڊا کي تيل جي فراهمي متاثر نه ٿيندي. سعودي عرب جي توانائي بابت وزير خالد الفالح موجب پاليسي تحت سياسي معاملن کي پيٽرول جي سپلاءِ تي اثرانداز ٿيڻ نه ڏنو ويندو. سندس چوڻ هو ته ڪينيڊا ۾ اسان جي واهپيدارن کي پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي. ٻنهي ملڪن ۾ گڏيل واپار جو ساليانو ڪاٿو 4 ارب ڊالر آهي. واضح رهي ته ڪينيڊا جي پرڏيهي وزير طرفان سعودي عرب ۾ گرفتار ڪيل انساني حقن جي ڪارڪنن جي آزادي جي مطالبي کانپوءِ ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ جاري آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

The man arrested in the outskirts of masjid nabawi, arrested

مسجد نبويءَ جي ٻاهرين اڱڻ ۾ فائرنگ ڪندڙ شخص گرفتار

مدينو شريف( ويب ڊيسڪ ) مسجد نبويءَ صعلم جي ٻاهرين اڱڻ ۾ فائرنگ ڪندڙ شخص …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے