24 سومر , سيپٽمبر 2018

جي ڊي اي طرفان تحريڪ انصاف جي غير مشروط حمايت جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس پاڪستان تحريڪ انصاف جي غير مشروط حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پير پاڳاري جو چوڻ آهي ته اسان عمران خان کي وزيراعظم  جي چونڊ ۾ ووٽ ڏيڻ سان گڏ هر ڏک سک ۾ گڏ هوندا. تحريڪ انصاف اڳواڻن شاهه محمود قريشي، جهانگير ترين ۽ ٻين وفد جي صورت ۾ پير پاڳاري سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ جي ڊي اي طرفان غوث علي شاهه، ذوالفقار مرزا، فهميدا مرزا ۽ ٻيا پڻ شامل هئا. ٻنهي پارٽين جي اڳواڻن عام چونڊن کانپوءِ جي صورتحال، سنڌ جي مسئلن، سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر  ۽ ٻين معاملن تي غور ويچار ڪيو. ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي جي ڊي اي سربراهه پير پاڳاري چيو ته پي ٽي آءِ وفد کي هتي اچڻ جي ضرورت نه هئي، ڇاڪاڻ ته اسان اڳ ئي پي ٽي آءِ جي غير مشروط حمايت ڪري چڪا آهيون. سندس چوڻ هو ته اسان هر معاملي ۾ پي ٽي آءِ سان گڏ آهيون. ان موقعي تي  شاهه محمود  قريشي چيو ته اسان جي ڊي اي جي سهڪار لاءِ آياسين ۽ سهڪار ڪرڻ تي پير صاحب جا ٿورائتا آهيون، ان سان گڏوگڏ اسان ڪراچي جي عوام جا به ٿورائتا آهيون، جن 14 قومي اسيمبلي جون سيٽون ڏئي حوصلا بلند ڪيا آهن. هن اپيل ڪئي ته وزيراعظم لاءِ اميدوار عمران خان، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر  جي حمايت ڪئي وڃي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنگ مڙهي وئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته مودي ۽ ڀارتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے